ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ تيز برسات جي ڪري مختلف اڏامن جي آمد ۽ روانگي دير جو شڪار ٿي وئي آهي، ڪراچي کان اسلام آباد جي قومي ايئر لائن جي اڏام پي ڪي 368 روانگي ۾ هڪ ڪلاڪ دير ٿي، اهڙي طرح ڪراچي کان اسلام آباد جي ٻي اڏام پي ڪي 308 جي روانگي ۾ به هڪ ڪلاڪ دير ٿي، ڪراچي کان ملتان جي اڏام پي ڪي 330 به هڪ ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي، ڪراچي کان پشاور جي اڏام اڍائي ڪلاڪ دير جو شڪار رهي.