ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم پيٽرول جي اگھن ۾ ڪيل اضافي کي عوام دشمن قرار ڏيندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آھي ته پيٽروليم شين جا اگھ آئي ايم ايف جي چوڻ تي وڌائڻ بند ڪيو وڃي،ڇاڪاڻ ته عوام وڌيڪ مھانگائي برداشت نٿو ڪري سگهي ،پنھنجي مذمتي بيان ۾ سردار عبدالرحيم چيو ته حڪومت ڏکين حالتن ۾ رليف ڏيڻ بجاءِ عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل م ڌڪي پئي،غربت جي ماريل عوام بک ۽ بدحالي سبب معصوم ٻارن سان گڏ خودڪشيون ڪري رھيا آھن پر ظالم حڪمرانن کي پرواھ ئي ناھي،حڪمران پنھنجا شاھاڻا خرچ گھٽ ڪرڻ بجاء عوام کي مھانگائي جي بدترين چڪي ۾ پيھي رھي آھي ،ائين ن ٿئي جو غربت ،بيروزگاري جي ستايل عوام سريلنڪا وانگر حڪمرانن کي اقتدار مان ڪڍي ٻاھر اڇلائي، اسان مطالبو ڪيو ٿا ته پيٽروليم شين جي اگھن م ڪيل اضافو بنا دير واپس ورتو وڃي ء ٻاھرين ملڪن ۾ ڪرپٽ حڪمرانن جا ڪرپشن جي ڪمائي جا رکيل اربين ڊالر ملڪ ۾ واپس آندا وڃن.