اسلام آباد( م ڊ) ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي، مارچ لاءِ ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، گيس جي قيمت ۾ 80 پئسا في ڪلو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلوگرام جي گهريلو سلينڊر جي قيمت 9 رپيا 51 پئسا گهٽتائي کانپوءِ 3 هزار 30 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. اوگرا جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري لاءِ گهريلو سلينڊر جي قيمت 3 هزار 39 رپيا هئي.