ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.ڪراچي جي علائقي ڊي ايڇ اي، ڪلفٽن، گذري، صدر، سرجاني ٽائون، مواڇ ڳوٺ، لياقت آباد، شاهراهه فيصل ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، ٺٽو، دادو، ٽندو محمد خان، نصيرآباد، لعلو رائنڪ، وڳڻ، گاجي کهاوڙ، سجاول جوڻيجو ۽ ڀرپاسي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات سبب ماڻھو گھر تائين محدود ٿي ويا ۽ جڏهن ته ٿڌ به وڌي وئي آهي، برسات ۽ تيز هوا سبب ڪڻڪ، سرنھن ۽ ٻئي فصل کي نقصان جو خدشو آھي. برسات سبب مختلف شهرن ۾ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، ميرپور ساڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز وسڪارو ميرپور ساڪرو ڳاڙهو ڪيٽي بندر غلام الله ٻھارا ٻگھاڻ ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو پيو، ھيٺائين وارن ۾ پاڻي بيھي ويو تيز برسات سبب بجليَ جو نظام درھم برھم ٿي ويو سردي ۾ پڻ شديد اضافو ٿيو، ٻئي پاسي ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ امڪاني ٻوڏ سميت ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ جون تياريون مڪمل آهن، ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل آهن، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن کي به پاڻي نيڪال ڪرڻ جون مشينون ڏنيون ويون آهن، موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز چيو آهي ته اڄ تائين ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو بند ٿي ويندو، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سڀاڻي منجهند تائين وسڪارو جاري رهي سگهي ٿو، هن چيو ته ڪراچي ۾ 55 ملي ميٽر برسات سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، طوفاني برساتن جي اڳڪٿي سبب سنڌ سرڪار صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري چڪي آهي، سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ملازمن کي اڄ اڌ ڏينهن جي موڪل به ڏني وئي.