پاڪستان ۾ ڌانڌلين جي جاچ تائين نئين حڪومت کي تسليم نه ڪيو: آمريڪي ڪانگريس ميمبر

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ ڪانگريس جي ٻن درجن کان وڌيڪ ميمبرن صدر جو بائيڊن ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ اينٿوني بلنڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پاڪستان ۾ قائم نئين حڪومت کي ان وقت تائين  تسليم نه ڪن جيستائين عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ مڪمل نه ٿي وڃي. هن خط جي هڪ ڪاپي ٽيڪساس ڪانگريس ميمبر گريگ ڪاسر طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي شيئر ڪئي وئي، جنهن تي 30 ٻين ڪانگريسي ميمبرن به دستخط ڪيا آهن. آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ اينٿوني بلنڪن کي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ نئين حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪيو وڃي جيستائين چونڊن ۾ مداخلت جي تفصيلي، شفاف ۽ مستند جاچ نه ٿي ٿئي.  خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”پاڪستاني اختياريون انهن ماڻهن کي آزاد ڪن، جن کي سياسي تقريرن ​​يا سرگرمين جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جا اهلڪار ذميوار هجن ته هو اهڙن سمورن ڪيسن جا تفصيل گڏ ڪري انهن جي آزاديءَ کي يقيني بڻائين.آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن خط ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستاني اختيارين کي واضح ڪيو وڃي ته آمريڪي قانون انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ جمهوريت کي نقصان پهچائڻ وارن جو احتساب ڪري ٿو. خط ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تازي سزا ۽ چونڊن واري ڏينهن 8 فيبروري تي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بند ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.  آمريڪي ڪانگريس ميمبر پنهنجي خط جي آخر ۾ لکي ٿو ته پاڪستان آمريڪا جو هڪ ڊگهو اتحادي آهي ۽ اسان علائقائي استحڪام ۽ دهشتگردي خلاف ڪوششن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي تسليم ڪريون ٿا. ”اها آمريڪا جي مفاد ۾ آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت برقرار رهي ۽ چونڊن جا نتيجا پاڪستاني عوام جي مفادن جي عڪاسي ڪن نه ته پاڪستاني اشرافيه ۽ فوج جي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.