اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جتي مسلم ليگ (ن) سان ڳالهيون نه ٿيون ۽ معاهدو نه ٿيو ته متحده قومي موومينٽ کي موقعو ملندو. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافي سوال ڪيو ته چيو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي کي ڪامران ٽيسوري جي سنڌ جو گورنر ٿيڻ تي اعتراض آهي؟ جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري جواب ڏنو ته اسان جو ڪنهن هڪ شخص سان ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن سان اسان جي ڳالهه ٻولهه کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ته گورنر شپ کي ڪٿي فائنل ڪيو ويندو. بلاول چيو ته ايم ڪيو ايم کي اهو موقعو ملندو جتي ن ليگ سان ڳالهيون نه ٿيون ۽ معاهدو نه ٿيو.