اسلام آباد( م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم آفيس پي ٽي آءِ پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو معاملو ڏسي رهيو آهي، وڌيڪ معلومات ملندي ئي آگاهه ڪيو ويندو، هفتيوار بريفنگ ۾ هن چيو ته اسرائيل طرفان فوڊ سپلائي ڪندڙن جي قتل عام جي مذمت ڪريون ٿا،، پاڪستان مسلم ڪانفرنس جي ڌڙن تي پابندي کي رد ڪري ٿي، هن چيو 6 مارچ تي يورپي يونين سان سياسي مشاورت ڪنداسين، هٿيارن جي فراهمي جي معاملي تي 4 پاڪستانين کي هٿيارن جي فراهمي بابت آمريڪي بيان ڏسي چڪو آهيان،هن چيو ته ان حوالي سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني سان رابطي ۾ آهيان، ترجمان چيو ته اسان آمريڪي انصاف واري کاتي جون رپورٽون ڏٺيون آهن، هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ گرفتار حوثي باغين جي شهريت جي آمريڪا طرفان تصديق ناهي ڪئي وئي، اسان آمريڪا کان قونصلر پهچ لاءِ چيو آهي ته انهن جي سڃاڻپ جي تصديق ڪري سگهون. گرفتار ماڻهن جي شهريت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي ان معاملي تي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني سان رابطي ۾ آهيون، ڀارت جا بيان خطي جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي.