ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل , عورت آپگھات ڪيو , عورت جو لاش ھٿ ۽ 5 شھري زخمي ٿي پيا. جوھر آباد ٿاڻي جي حد واٽر پمپ کان عائشا منزل ڀرسان محفوظ شيرمال جي لڳ گوليون لڳل 27 سالن جي نوجوان ڄام گل ولد حاجي امين جو لاش مليو آهي. اطلاع تي واقعي واري جاء تي پوليس پھچي مقتول جو لاش ڪاروائي جي لاء عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪري واقعي بابت پوليس شاھديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي. اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس مطابق اورنگي ٽائون اقبال مارڪيٽ بلاڪ J سيڪٽر ساڍا يارھن ڀرسان ضياء ٽيلر لڳ گھر جي اندر 39 سالن جي عورت سحر بانو زال عبدالڪليم آپگھات ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڏني آهي. ايم اي جناح روڊ ڪڇھي ميمڻ جماعت خاني جي ڀرسان 60 سالن جي ٻڍڙھي عورت صابرا زال عبدالعزيز جو تشدد ٿيل لاش مليو. ايڌي ايمبولينس جي ذريعي لاش ڪاروائي جي لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. سرجاڻي ٽائون لياري تيسر ٽائون 36 جي مارڪيٽ ڀرسان فائرنگ ۾ حمزا ولد جمال زخمي ٿيو. پاپوش نگر جي علائقي خلافت چوڪ ناظم آباد ايڇ بي ايل بئنڪ جي ڀرسان فائرنگ ۾ شھريار ولد وقار احمد زخمي ٿيو. لانڍي فيوچر ڪالوني جي ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ نعمان ولد عبدالغني زخمي ٿيو. سائٽ بي جي علائقي پرچا چوڪ شير شاھه جي ڀرسان فائرنگ محمد خان ولد ايوب زخمي ٿيو. عوامي ڪالوني جي علائقي ڪورنگي دارالعلوم جي ڀرسان فائرنگ ۾ امجد ولد شير محمد زخمي ٿيو. زخمين کي فوري طور تي شھر جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.