آءِ ايم ايف وفد جون مهيني ۾ عمران خان سان مليو: سينيٽر همايون مهمند

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر همايون مهمند چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وفد جون ۾ زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران  خان سان ملاقات ڪئي. سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر همايون مهمند چيو آهي ته جون  ۾ آءِ ايم ايف جي وفد عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد پي ٽي آءِ کان گارنٽي گهري جيڪا ڏني وئي. آءِ ايم ايف جي وفد نومبر ۾ ٻيهر ملڻ چاهيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ قيد هو. سينيٽر همايون مهمند چيو ته ان دوران آءِ ايم ايف جي وفد بيرسٽر گوهر علي  سان به ملاقات ڪئي. آءِ ايم ايف چيو هو ته جنهن کي مينڊيٽ ملندو انهي کي حڪومت ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان عباسي ۽ جاويد لطيف سميت پاڻ(ن) ليگ جي ماڻهن چيو ته مينڊيٽ چوري ڪيو ويو ، هي ماڻهو  هاڻ آمريڪا ڀڄي ويندا اهي پئسا قوم کي واپس ڏيڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.