پني عاقل جي ڪچي ۾ 6 ڄڻن جي قتل جو 33 جوابدارن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل جي ڪچي رضا ڳوٺ ۾ مھر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين جي جھيڙي ۾ مارجي ويل جتوئي ڌر جي ڇھن مقتولن جي دھشتگردي ايڪٽ تحت 25 سڃاتل ۽ اٺ اڻسڃاتل جوابدارن تي ايف آئي آر داخل ، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، ي  رضا ڳوٺ ٿاڻي تي فاروق جتوئي جي فرياد تي مھر برادريءَ جي 25 سڃاتل جوابدارن ۽ اٺ اڻسڃاتل جوابدارن سميت 33 جوابدارن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڇھن قتلن جي ايف ءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، قتل ڪيس ۾ گلڻ جنگو مھر ، خادم  مھر ، امداد مھر، ابراھيم مھر ، شھمير مھر ، ناظم مھر ، آصف مھر ۽ ٻيا شامل آھن،  ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن ڌاڙي ھڻڻ جي نيت سان 26 فيبروري جي صبح جو ڳوٺ تي حملو ڪري لوڙھي کي باھ ڏني جنهن بعد اسان لوڙھي جي باھ کي ڏسي گھرن مان نڪتاسين ته جوابدارن سڌا فائر ڪري ڏنا جنھن ۾اسان جا ڇهھ ڄڻان مارجي ويا ۽ 7 ڄڻان ڦٽي ٿيا جنھن کان پوءِ جوابدارن گھرن ۾ داخل ٿي اسان جون ٽيھ مينھون به ڪاھي ويا ھئا ،جڏهن ته ايف آءِ آر جي متن ۾ اھو به ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن مئل ماڻھن کي به ٻيھر گوليون ھنيون ۽فائرنگ جي آواز آس پاس جا ماڻھو امن لاءِ قرآن پاڪ کڻي پھتا جن کي ھٿياربند ڏسي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ھئا جا ايف آءِ آر جي متن ڄاڻايون ويو آهي، واضح رھي ته پنوعاقل جي ڪچي ۾ چار ڏينهن اڳ جتوئي ۽ مھر برادري جي ٻن ڌرين جي جھيڙي ۾ جتوئي ڌر جا. عظيم ، ولي محمد ، شاھول ، پٺاڻ ، امام الدين ۽ خوش محمد جتوئي سميت 6 ڄڻا مارجي ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.