لاهور (م ڊ) لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت تهراپي ڍنڍ جو ٺيڪو ڀڳڙن مٺ تي ڏيڻ واري ڪيس ۾ صحافي عمران رياض جي ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اينٽي ڪرپشن ڪورٽ لاهور جي جج ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌايو، عدالت هڪ لک رپين جي مچلڪي عيوض عمران رياض جي ضمانت منظور ڪري ورتي، ياد رهي ته لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت زمان پارڪ جي ٻاهر ڀڇ ڊاهه جي ڪيس ۾ صحافي عمران رياض جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد نويد اقبال پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پوليس عمران رياض جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي هئي.