باري پتافي کي هارائيندڙ نادر اڪمل لغاري پ پ ۾ شامل

ڏھرڪي (رپورٽ:اجيت ڪمار) پ پ اڳواڻ   عبدالباري پتافي کي شڪست ڏيندڙ آزاد اميدوار نادر اڪمل خان لغاري پ پ ۾ شامل ٿي ويو. عام چونڊن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ اميدوار عبدالباري خان پتافي کي شڪست ڏيندڙ آزاد اميدوار نادر اڪمل لغاري پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ نادر اڪمل لغاري سان، پ پ اڳواڻن علي گوهر خان مهر، خالد احمد لنڊ، شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سليم مانڊوي والا ۽ ٻين ملاقات ڪري کيس پ پ ۾ شموليت جي دعوت ڏني جنهن دوران سردار نادر اڪمل لغاري پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ سردار نادر اڪمل لغاري جو چوڻ هو ته عوام اعتماد ڪري چونڊيو آھي عوام جي مفادن خاطر ئي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.