ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻارڙي سميت 5 لاپتا ماڻهن کي بازيابي لاءِ قدم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لاپتا ماڻهن جي گهر ڀاتين ۽ وڪيلن مان ڪو به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، گم ماڻهو ڪراچي جي مختلف علائقن مان گهڻي عرصي کان غائب آهن، محمد امين 2014ع کان قائد آباد جي علائقي، شهري مشتاق 2015ع گارڊن، بي بي سيما سهراب ڳوٺ، شهري مقصود سکڻ ۽ زبير ڪورنگي انڊس ايريا جي علائقن مان غائب آهن، عدالت پوليس رپورٽن کي رپورٽ جو حصو بڻايو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته لاپتا ماڻهن جو اڃان تائين پتو ناهي لڳي سگهيو، عدالت غائب ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تڪڙا قدم جاري رکڻ جو حڪ ڏيندي، ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.