آزاد حيثيت سان چونڊ کٽيندڙ وڌيڪ 2 ميمبر ن ليگ ۾ شامل

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سياسي طاقت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. آزاد حيثيت سان چونڊ کٽيندڙ وڌيڪ ٻن ميمبرن پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. تڪ اين اي 12 ڪوهستان تان آزاد ميمبر محمد ادريس ۽ تڪ پي پي 242 بهاوالنگر مان ڪاشف نويد پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ميان شهباز شريف سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ ن ليگ جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي پارٽي ۾شموليت اختيار ڪري ورتي. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف محمد ادريس ۽ ڪاشف نويد کي مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏنيون ۽ کيس ڀليڪار چيو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ پشاور مان 2 نوان چونڊيل آزاد ايم پي ايز ملڪ طارق اعواڻ ۽ بهکر مان عنايت شاهاڻي ۽ عامر به(ن) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. ان موقعي تي شهباز شريف مسلم ليگ ن ۾ شموليت ڪندڙ آزاد اسيمبلي ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ کين مبارڪباد ڏني هئي هن چيو هو ته عدم استحڪام ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. معاشي خطرن جي گهر آهي ته سڀني سان ملي پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪريون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.