عمران خان پاران پارٽي اڳواڻن سان ملاقات لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ باني طرفان سندس وڪيل شير افضل مروت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾  درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي حڪمن جي باوجود وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ باني سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي. وڪيلن کي دستاويز ته پري جي ڳالهه هڪ صفحو به اڊيالا جيل جي اندر نه پيو کڻي وڃڻ ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ باني سان وڪيلن جي ملاقات دوران نويڪلائي به نه پئي ڏني وڃي. درخواستگذار موجب اڊيالا جيل انتظاميه طرفان وڪيلن جي دستاويزن کي قبضي ۾ ورتو ويندو آهي ۽ اهي دستاويز 24 ڪلاڪن کان پوءِ واپس ڪيا ويندا آهن. پي ٽي آءِ باني شهريار آفريدي، شاندانه گلزار خان، اسد قيصر ۽ فيض الرحمان سان سياسي مشاورت جي لاءِ ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت اڊيالا جيل انتظاميه کي پي ٽي آءِ باني سان وڪيلن جي اڪيلي ۾ ملاقات جو حق ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري. عدالت پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات جي اجازت ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.