اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ لاءِ فوجداري قانون ۾ ترميم جو بل پيش ڪرڻ لاءِ سينيٽر مشتاق جي رٿ اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏي.سينيٽر مشتاق احمد زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ لاءِ فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو.سينيٽ بل پيش ڪرڻ جي تحريڪ رد ڪري ڇڏي. بل جي حق ۾ 14 ۽ مخالفت ۾ 24 ووٽ پيا.پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته سرعام ڦاهي سان سماج ۾ وحشت ۽ افراتفري پکڙجي ويندي ، ملڪ ۾ ٻيهر جنرل ضياءَ جي دور جا پاڇا نٿا ڏسڻ چاهيون،سرعام ڦاهي ڪڏهن به زنا بند ناهي ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته سرعام ڦاهيءَ سان اسان 12هين صدي ۾ بيٺل هونداسين،اهو 21هين صدي جي سماج کي زيب نٿو ڏئي، هتي وري هر ڏوهه تي سرعام ڦاهي ڏيڻي پوندي، سرعام ڦاهي ڏيڻ سان ڏوهه ختم نه ٿيندو.ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته دنيا ۾ اسان جي باري ۾ ناڪاري تاثر آهي، ڏوهن جي سخت سزا ملڻ گهرجي، ڦاهي کي ڦاهي گهاٽ تائين رهڻ ڏيو،، ان کي فوارا چوڪ يا ميلوڊي چوڪ تي نه آڻيو.اسلامي ملڪ ۾ سرعام ڦاسي جو ڪو تصور ئي ناهي.سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته موت جي سزا قانون ۾ موجود آهي، ڦاهي وارو بل ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي، سرعا ڦاهي نه هئڻ گهرجي.سينيٽر تاج حيدر چيو ته چوڪن تي لٽڪائڻ سان انسانيت جو احترام ختم ٿي وڃي ٿو. سينيٽر علي ظفر چيو ته موجوده قانون ۾ موت جي سزا آهي، اسان ان جي حمايت ڪريون ٿا، اڄ جي سماج ۾ سرعام ڦاهي ضروري ناهي. سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو ته سرعام سزا جي ضرورت نه پوندي، توهان کي گهرجي ته ڏوهارين کي سڌاريو.سينيٽر سعديه عباسي چيو ته هي بل سماج کي وڌيڪ ظالم بڻائي ٿو، جڏهن ته شهادت اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته سرعام ڦاهي انساني وقار جي خلاف آهي.سينيٽر ڪامل علي آغا بل جي حمايت ڪندي چيو ته دنيا ۾ سرعام ڦاهي ڏني وڃي ٿي، آمريڪا ۾ موت جي سزا انجيڪشن ذريعي ڏني وڃي ٿي ۽ ان جي وڊيو به ٺاهي وڃي ٿي، سعودي عرب ۾ سرعام سر قلم ڪيو وڃي ٿو، اتي ڏوهن جي شرح ۽ پنهنجي ملڪ ۾ڏسو ،جنهن شخص اهو سنگين ڏوهه ڪيو آهي توهان جي ملڪ ۾ ان جي ڪا عزت آهي؟ سينيٽر همايون مهمند چيو ته هي بل وڏي مسئلي جو حل آهي، ريپ سعودي عرب ۾ تمام گهٽ ۽ مغربي ملڪن ۾ گهڻو آهي، اهو ڏوهن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿو.سينيٽر مشتاق احمد چيو ته اهي چون ٿا ته سرعام سزا سان سفاڪيت وڌي ويندي، ظلم ته وڌي ويو آهي، سرعام ڦاسي ڏئي ظلم بند ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇا موٽر وي ريپ ڪيس جي عورت زينب جي عزت نه هئي؟ ريپ ڪندڙ جي عزت آهي، سرعام ڦاهيءَ رڪاوٽ جو ڪم ڪندي، اسلام آباد ۽ چئن صوبائي راڄڌانين ۾ 5 سرعام ڦاهيون ڏنيون وڃن، پوءِ وڌيڪ سرعام ڦاهيءَ جي ضرورت نه پوندي، يورپ ۽ آمريڪا کان ڊڄو نه.