اسلام آباد ( م ڊ) ملڪ ۾ اٺ فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر ڪرائڻ واري درخواست واپس ورتي وئي جڏهن ته چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته ڪيس هر صورت ۾ ٻڌنداسين، درخواستگذار کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي به بئنج جو حصو آهن. بريگيڊيئر رٽائرڊ برگيڊيئر ريٽائرڊ محمد علي خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ۽ ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار علي خان ڪٿي آهي؟ جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر چيو ته درخواست گذار تي 13 فيبروري تي درخواست واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي. عدالتي مددگار ٻڌايو ته درخواست گذار کان نوٽيس جي تعميل لاءِ فون ۽ ايڊريس تي رابطي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريان درخواست داخل ٿئي ٿي ۽ پوءِ درخواست گذار گم ٿي وڃي ٿو، ڇا رڳو مشهوري لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي؟ . چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪيئن به ڪري درخواست گذار کي پيش ڪيو، هي ڪيس هلائينداسين، درخواستگذار درخواست داخل ڪندي ئي پاڻ ميڊيا تي ظاهر ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته جسٽس مسرت هلالي چيو ته چونڊن بابت درخواست ٽيليويزن لاءِ داخل ٿي هئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسي ايڊيشنل اٽارني جنرل سان ڳالهائيندي چيو ته ائين نه هلندو، عام طور ته درخواست داخل ٿيندي ئي ميڊيا تي جاري ناهي ٿي ويندي، درخواستگذار سان فون ذريعي رابطو ڪيو، اهڙي طرح سپريم ڪورٽ جو مذاق نٿو بڻائي سگهجي، ڪهڙي خبر درخواست گذار پاڻ درخواست داخل ڪئي به الائي نه، ڪهڙي خبر بعد ۾ درخواست گذار اچي چئي ته مون درخواست واپس ئي ناهي ورتي. چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي لاڳاپيل ايس ايڇ او ذريعي درخواستگذار کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ئي درخواست گذار جي اچڻ تي ٿيندي. ان کانپوءِ عدالت عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪندي درخواست گذار بريگيڊيئر رٽائرڊ علي خان کي بچاءُ واري وزارت ذريعي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.