نگران وزيراعظم پاران انٽيليجنس بيورو جي حيثيت تبديل

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سول انٽيليجنس ايجنسي انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي آهي.نگران حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نگران وزيراعظم آءِ بي کي بيورو مان تبديل ڪري ڊويزن جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي، حڪم فوري طور تي لاڳو ٿيندو.نوٽيفڪيشن موجب انتظامي ۽ مالياتي معاملن کي بهتر بڻائڻ لاءِ انٽيليجنس بيورو کي ڊويزن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اسٽيٽس جي تبديلي جي منظوري ڊائريڪٽر جنرل آءِ بي فواد اسد الله جي خاص قدم تي ڏني وئي آهي، جيڪو انٽيليجنس ڊويزن جو ايڪس آفيشل سيڪريٽري طور ڪم ڪندو.نگران وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڪابينا ڊويزن حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ انٽيليجنس بيورو کي ڊويزن ۾ تبديل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.