ڄامشوري مان کنڀيل فيصل وڳڻ ۽ انور بڙدي آزاد

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو مان جبري گمشدگين خلاف عوامي آواز جي مسلسل رپورٽنگ بعد ڄامشورو مان 13 ڏينهن اڳ کنڀي گم  ڪيل قومپرست اڳواڻ سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد فيصل وڳڻ ۽ انور بڙدي آزاد ٿي گھر پھچي ويا, ڄامشورو مان 8 فيبروري تي فجر 3 وڳي سيد آباد ڪالوني مان رياستي اهلڪارن ۽ پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ جي جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر  سنڌ يوبيورسٽي جو شاگرد فيصل وڳڻ کي گذريل رات فيبروري تي رياستي ادارن جي ويگو گاڏي ذريعي رات جي ٽائيم ۾ جامشورو باءِ پاس تي ڇڏيو ويو, جتان فيصل وڳڻ پنهنجي ھڪ دوست ذريعي گھر پتو, جڏهن ته ان کان اڳ 16 فيبروري تي انور بڙدي کي پڻ حيدرآباد ۾ ھٽڙي باء پاس تي ڇڏيو ويو ھو, جڏهن ته آزاد ٿي آيل قومپرست اڳواڻن فيصل وڳڻ ۽ انور بڙدي کي آزاديء جون مبارڪون ڏيڻ لاء ڪيترائي قومپرست دوست ۽ مائٽ مبارڪون ڏيڻ لاء وٽ پھتا, ان موقعي تي آزاد ٿي آيل قومپرست اڳواڻن انور بڙدي ۽ فيصل وڳڻ جو چوڻ ھو ته رياستي ادارن جي اھلڪارن غلط اطلاح تي اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪري اسان سميت اسان جي گھر ڀاتين تي غيرانساني تشدد ڪيو ۽ ان بعد اسان کي کنڀي گم ڪرڻ بعد مختلف ھنڌن تي رکي سياسي سرگرمين ۽ ذاتي زندگيء بابت پڇا ڳڇا ڪئي وئي, ھنن چيو ته اسان سائين جي ايم سيد جي پرامن سياسي جدوجھد واري سياست تي يقين رکون ٿا جيڪا جاري رھندي, آخر ۾ ھنن سندن جي جبري گمشدگيء خلاف سندن دوستن جي ڪيل جدوجهد ۽ عوامي آواز جي مسلسل ڪوريج تي عوامي آواز جا پڻ ٿورا مڃيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.