ڪمشنر پنڊي جي الزامن تي ڪميٽي جي جاچ شروع

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ لاءِ جوڙيل اليڪشن ڪميشن جي خصوصي ڪميٽي جاچ شروع ڪري ڏني، راولپنڊي ڊويزن جي 5 ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اي ڊي سيز جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا جا الزام رد ڪري ڇڏياعملدارن ڪميٽي آڏو بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته اسان تي ڌانڌليون ڪرائڻ يا نتيجا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ نه هوخصوصي ڪميٽي رٽرننگ آفيسرز جا بيان به قلمبند ڪندي، ڪميٽي پاران ڊويزن جي 26 قومي ۽ صوبائي تڪن جي آر اوز جا بيان قلمبند ڪيا ويندا.اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا ڊويزن جي سمورن قومي تڪن جا نتيجا تبديل ڪرڻ ۽ هارايل اميدوارن کي کٽرائڻ جا الزام هنيا هئااڳوڻي ڪمشنر  ڌانڌلين ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين جي ملوث هئڻ جا الزام هڻندي استعيفا ۽ گرفتاري پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.