غيريقيني صورتحال سبب آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ ڏکيائي

واشنگٽن(م ڊ) عالمي ريٽنگ ايجنسي فِچ چيو آهي ته عام چونڊن کانپوءِ سياسي غير يقيني صورتحال انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان مالياتي معاهدو حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پيچيده ڪري سگهي ٿي.فچ پنهنجي رپورٽ ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري جو اعتراف ڪيو ۽ اهو به چيو ته آءِ ايم ايف سان پروگرام ذريعي پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿي سگهي ٿي پر ٻئي طرف ايندڙ وقت ۾ سياسي غير يقيني صورتحال تي به خدشن جو اظهار ڪيو. رپورٽ موجب گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال بهتر ٿي آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا بهتر ٿي سگهن ٿا.فچ جي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پاڪستان 18 مان  رڳو 9 ارب ڊالر حاصل ڪندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.