چونڊن کان پوءِ نئين حڪومت جي جوڙجڪ جو مسئلو

تحرير: نثار لغاري

لڳي ٿو اليڪشن 2024 پاڪستان جي ايڪهتر کان پوءِ   تڪراري ترين اليڪشن تسليم ڪئي ويندي، روزانو نئون اسڪينڊل سامهون اچي رهيو آھي مٿي موجود سرڪار به هاڻ زبردستي حڪم ڪري رهي آھي ته نئين سرڪار جلدي قائم ڪريو احتجاج به ٿي رهيا آھن  تڪراري بيان به اچي رهيا آھن ايمرجنسي جون ڳالهيون به هلي رهيون آھن

ملڪ ۾ سياسي بحران پنهنجي اهم مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي  جتي حڪومت جوڙڻ لاءِ  ڪير تيار نه آھي.  پيپلزپارٽي  مسلم ليگ ن اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيون آھن تحريڪ انصاف وٽ به گهربل اڪثريت ناهي نه ئي ان کي حڪومت قائم ڪرڻ ڏني ويندي.  هي انتهائي خراب صورتحال آھي  ڪيڏي مهل اهي خبرون اينديون آھن ته پيپلزپارٽي ۽  مسلم ليگ ن گڏجي حڪومت قائم ڪرڻ جي فارمولي تي راضي ٿي ويون آھن  پر وري انهن جا ترديدي بيان به ايندا آھن  عجيب مذاق ٿي ويو آھي

پاڪستان جي تاريخ جو هي خراب ۾ خراب ترين دور آھي جو حڪومت ڪرڻ لاءِ  ڪير تيار نه آھي  هرهڪ لهرائي رهيو آھي  ڏسجي ته هر گذرندڙ دور ۾  هتي ادارا ڪمزور ٿيندا رهيا جمهوريت جي سسٽم کي بار بار تباهه ڪيو ويو  آھي هاڻ اليڪشن کي ڪير به تسليم ڪرڻ لاءِ  تيار ناهي هي عجيب صورتحال آھي هن وقت جيڪا حڪومت قائم ٿيندي اها هڪ سال به مشڪل هلي  ڇو ته مخالف ڌر سگهاري آھي ۽  ان هن اليڪشن کي تڪراري به ڪري ڇڏيو آھي

نئين حڪومت کي عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف سان به سخت عوام دشمن فيصلا ڪرڻا آھن جنهن جو نقصان انهيءَ سياسي ڌر کي ٿيندو جيڪا حڪومت تي براجمان ٿيندي هي هڪ بحراني ڪيفيت هوندي عوام سخت مهانگائي سبب روڊن تي هوندو

پاڪستان ۾ نئين حڪومت کي ڪيترو تڪڙو آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو، پاڪستان هن وقت آءِ ايم ايف جي جنھن پروگرام تي عمل ڪري رهيو آهي، اھو پڄاڻيءَ تي پھچڻ وارو آهي، تنھن ڪري ناڻي جا ماھر چون ٿا ته پاڪستان کي پنھنجي معيشت سنڀالڻ لاءِ  ستت ئي آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جي ضرورت آھي.

پاڪستان جي اڳوڻي اتحادي حڪومت عام چونڊن کان اڳ آءِ ايم ايف سان ٽي ارب ڊالرن جو مالياتي معاهدو ڪيو ھو، جنهن سان ڊيفالٽ کان بچڻ ۾ مدد ملي.

ھاڻ عام چونڊن کانپوءِ  جيئن ئي سياسي پارٽيون وفاقي حڪومت جوڙي وٺنديون، نئين معاھدي لاءِ  ملڪ کي ٻيھر آءِ ايم ايف سان لھه وچڙ ۾ اچڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ناڻي جي گھوٽالي جو خطرو اڃا به موجود آهي.

ھن وقت نگران حڪومت ڊيفالٽ (ڏيوالو نڪرڻ) کان بچڻ لاءِ  آءِ ايم ايف جو ’قرض پروگرام‘ ھلائي رهي آهي، جنھن لاءِ  ڪيل قانون سازي آءِ ايم ايف کي اھا اجازت پڻ ڏئي ٿي ته هو پاڪستان جي معاشي معاملن بابت فيصلا ڪري ۽ چونڊن جي نگراني ڪري.آءِ ايم ايف في الحال پاڪستان سان نئين ٺاھ جي امڪان تي تبصرو ڪرڻ جي درخواست جو ڪو جواب نه ڏنو آھي.

پاڪستان ۾ ناڻي جي صورتحال ڇا آهي؟

پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا هن وقت ذري گھٽ 8 ارب ڊالرن جا آهن، جيڪي مشڪل سان سندس ٻن مهينن جي درآمدي (امپورٽ) جي ضرورت پوري ڪري سگهن ٿا. اها صورتحال پوئين سال جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، جڏهن پاڪستان وٽ ٽي ارب ڊالر رھجي ويا هئا.

پاڪستان کي ٻن مهينن ۾ ھڪ ارب ڊالرن جي بانڊز جي ادائيگي به ڪرڻي آهي، جنهن سان مٽاسٽا جا ذخيرا ويتر گھٽجي ويندا.

آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ ڇو ضروري آهي؟

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر، مرتضيٰ سيد جو چوڻ آهي ته پاڪستان لاءِ  آءِ ايم ايف جي ٻئي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته اسان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا ٻاهريون قرض موٽائڻ جي ضرورت جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن، ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو به موجود ناهي.

پاڪستان تي قرض ڪيترو آهي؟

پاڪستان تي قرضن جو بار ملڪ جي سموري قومي پيداوار جي 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي.آءِ ايم ايف ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ جي ايجنسين جو اندازو آهي ته پاڪستان کي پنهنجي آمدني جو 50 کان 60 سيڪڙو وياج موٽائڻ تي خرچ ڪرڻو پوندو. اھا دنيا جي ڪنهن به وڏي معيشت لاءِ  تمام خراب سراسري آهي.

تجزيو ڪندڙ اداري ’ٽيليمر‘ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو بنيادي مسئلو سندس گھرُو قرض آهن، جيڪي ٻاھرين قرضن جو 60 سيڪڙو آهن، ۽ وياج موٽائڻ ۾ انھن جو حصو 85 سيڪڙو آهي.

پاڪستان جو پرڏيهي قرض گهڻو ڪري ڊالرن جي صورت ۾ آهي، جڏھن ته بانڊز جي صورت ۾ ورتل قرض پرڏيهي قرضن جو فقط 8 سيڪڙو آهن.چين کان ورتل قرض ڪُل پرڏيهي قرضن جو 13 سيڪڙو آھن، جيڪي پاڪستان گذريل سالن ۾ بنيادي ڍانچي جي اڏاوت جي رٿائن وغيره تي خرچ ڪيا آھن.

عوام ڪيئن ٿا متاثر ٿين؟

پاڪستان تي قرضن جو بار ٽيڪسن ۽ تيل جي اگھن ۾ واڌ ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ مھانگائي کي جنم ڏئي رھيو آھي، جيڪا هن وقت 30 سيڪڙو تي پھچي وئي آهي.امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي ته هن سال جي پڇاڙي تائين مهانگائي ۾ ڪنھن حد تائين گھٽتائي ايندي، پر ماهرن موجب اها وري به مرڪزي بئنڪ جي ھدف کان پنج کان ست سيڪڙو مٿي ئي ھوندي.

ناڻي جا ماهر اهو به چون ٿا ته روپئي جو قدر پڻ وڌيڪ گهٽجي سگھي ٿو، ۽ روپيو مٽا سٽا واري ھاڻوڪي سراسري کان 15 سيڪڙو تائين ڪمزور ٿي سگھي ٿو.هن وقت ھڪ ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي مٽاسٽا جي سراسري 280 روپيا جي لڳ ڀڳ آهي.

لڳي ٿو اليڪشن 2024 پاڪستان جي ايڪهتر کان پوءِ   تڪراري ترين اليڪشن تسليم ڪئي ويندي، روزانو نئون اسڪينڊل سامهون اچي رهيو آھي مٿي موجود سرڪار به هاڻ زبردستي حڪم ڪري رهي آھي ته نئين سرڪار جلدي قائم ڪريو احتجاج به ٿي رهيا آھن  تڪراري بيان به اچي رهيا آھن ايمرجنسي جون ڳالهيون به هلي رهيون آھن، ملڪ ۾ سياسي بحران پنهنجي اهم مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي  جتي حڪومت جوڙڻ لاءِ  ڪير تيار نه آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.