غير يقيني واري ملڪي صورتحال، سنڌ ۾ شروع ٿيل مزاحمت ۽ حالتن جي گهرج

تحرير؛ ورثا پيرزادو

چونڊن کان پوءِ ملڪ ۾ سياست تي ڳالهيون عام آهن، گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪا اسٽبلشمنٽ اندر هلچل آهي ان سان سڄو ملڪ متاثرٿيو آهي. اها ته حقيقت آهي ته ملڪ جي حڪومت جو فيصلو اسٽبلشمنٽ ڪندي رهي آهي جنهن سبب معاشي توڙي سياسي بحران جو شڪار رهيا آهيون پر ڏاها ڌئي ويا آهن ته جڏهن بغاوت حڪمراني ڪندڙ طبقي اندر جنم وٺندي آهي ته اقتدار تي قابض ڌرين جو زوال ايندو آهي. حالانڪه ڪنهن نظرياتي يا عوامي ليڊر جي چرچ تي حڪمران ڌر اندر بغاوت کي جنم وٺڻو هو پر ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته اسٽبلشمنٽ جي ئي ٽائوٽ ڏار وجهي ڇڏيو آهي.

هن وقت نه رڳو ڪي پي۽ بلوچستان اندر مزاحمتي تحريڪون هلن پيون پر سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ به اسان کي تحريڪون نظر اچن ٿيون. ويجهڙ ئي هدايت لوهار جي قتل سنڌ اندر سخت  مزاحمت کي جنم ڏنو آهي. اول ته هڪ استاد ۽ قومي ڪارڪن جي بي رحماڻي قتل تي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، سڄي سنڌ کي وڏو صدمو رسيو آهي. ان واقعي تي هڪ نئون بحث ڪرڻ ۽ حالتن جو نئين سر تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ماضي ۾ سياست جو طريقي ڪار ڪهڙو رهيو، ان جا ڪهڙا اثر هن وقت به موجود آهن ۽ هاڻي ڇا ڪجي؟ انهن سوالن مان اهم سوال به آخري آهي.

ڪامريڊ هدايت لوهار جي قتل سياسي ڪارڪنن توڙي باشعور نوجوانن کي طيش ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ مختلف هنڌن تي روز احتجاج، مظاهرا ۽ ڌرڻا آهن. جتي بلوچستان جي ماهه رنگ بلوچ ۽ مسنگ پرسنس جي خاندانن جي جاندار تحريڪ هلائي وئي هئي اتي سنڌ ۾ به جدوجهد کي هواءِ لڳي پر هتي سياست جو مسئلو اهو رهيو آهي ته جيستائين ڪو واقعو يا ظلم جو قسم سامهون نٿو اچي تيسيتائين سياست خاموش هوندي آهي. هاڻي به سخت مزاحمت ۽ بغاوت جي هوا ته لڳي آهي پر اها صرف انصاف فراهم ڪرڻ تائين رهي ته ختم ٿي ويندي. ماهه رنگ بلوچ جي تحريڪ مان سڄي ملڪ جا سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ گهڻو متاثر ٿيندي نظر آيا هئا پر ويڪنڊ پالٽڪس ۽ اشو بيسڊ پالٽڪس مطلب ته هر ڇنڇر آچر تي سياسي ٿي وڃڻ ۽ سڄو هفتو سياست کان بيزار نظر اچڻ سميت مخصوص واقعي تي سياست ڪرڻ واري روايت سنڌي قوم جي مزاحمت کي ڌڪ رسيو آهي.

هدايت لوهار جو قتل رڳو هڪ سياسي فرد جو قتل ناهي پر اجتماعي سياست جو قتل آهي جنهن تي صرف انصاف جي گهر نه ڪرڻ گهرجي پر اک پٽڻ گهرجي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هڪ پيءُ جو وڃڻ ڪيترو ڏکوئيندڙ آهي. ان کي مان محسوس ڪري سگهان ٿي ڇاڪاڻ ته مان ان درد مان گذري رهي آهيان. پر هتي ڪنهن فرد جو طبي موت ٿيڻ ۽ ڪنهن فرد جو رياستي دهشتگردي هٿان قتل ٿيڻ ۾ وڏو فرق آهي. ان جي ڪيفيت سسئي لوهار ۽ سورٺ لوهار کان وڌيڪ شايد ڪير محسوس نٿو ڪري سگهي.  سائين هدايت لوهار جدوجهد جي علامت آهي جنهن کان ڪيترائي شاگرد سياست سکيا نه رڳو شاگرد پر سندس اولاد ۾ به سياسي شعور نظر آيو آهي جنهن سبب هو اسان جي اڳواڻي ڪندي نظر آيا آهن. قتل ٿيڻ کان پهريان هدايت لوهار کي جيڪو جبري کنڀيو ويو هو ان مان واضح ٿئي پيو ته هو رياست جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي ويو آهي پر سندس بهادر ڌيئرن ۽ سڄي سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي لاڳيتي جدوجهد رياست کي به جهڪائي ڇڏيو هو. جدوجهد جي نتيجي ۾ سائين هدايت لوهار کي آزاد ته ڪيو ويو پر هو ظالمن جي نظرن ۾ اچي ويو هو جنهن کي خاموش ڪرائڻ جو رياستي مشينري کي ڪو ٻيو طريقو نه پئي لڌو.

هدايت لوهار جي قتل ۾ ملوث ماڻهن جو سڃاڻپ ڪارڊ ڪريو جنهن مان ڄاڻ ملي ته هو خفيا اداري لاءِ ڪم ڪندڙ هئا. جنهن تي وارثن ايف آءِ آر ڪٽرائڻ پئي چاهي پر پوليس تعاون نه ڪيو. ملڪي صورتحال ۾ هڪ اداري هيٺ ڪم ڪندڙن سمورا ادارا ڪيترا بي وس آهن ان جي ڄاڻ ته پڙهندڙن کي هوندي. اسان وٽ هڪ دفاعي اداري جي هيٺ صحت، زراعت، تعليم، قانون سميت تحفظ فراهم ڪرڻ وارا ادارا آهن.

تازو هڪ ڪمشنر جي پريس ڪانفرنس ڪيترائي سوال عوام سامهون رکي ڇڏيا آهن. ڪنهن به ملڪ جو دفاعي ادارو پنهنجي ڪم تائين محدود هوندو آهي پر هتي پاڪستان واحد رياست آهي جنهن جو دفاعي ادارو سياست ۾ سڌو ملوث آهي. ڪنهن به ماڻهو جو انهن کان سوال ڪرڻ اسان وٽ غداري ۾ شمار ٿيندو آهي پر 2018 جي چونڊن کان وٺي 2024 تائين اهو ادارو عوام جي ڳالهين جو مرڪز رهيو آهي ۽ مڪمل طور سامهون اچي چڪو آهي . پهريون ماڻهو اسٽبلشمنٽ جو نالو وٺڻ کان به ڪيٻائيندا هئا. هاڻي سڌي ريت کين تنقيد جو نشانو بڻائيندي نظر پيا اچن. ملڪ اندر کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ هميشا ان رياستي جبر جو شڪار رهيا آهن ،کين جيلن ۽ ٽارچر سيلن حوالي ڪيو ويندو رهيو آهي پر سائين هدايت لوهار جهڙا بهادر ساٿي بنا خوف پنهنجي سياست ۽ جدوجهد جاري رکندي نظر آيا آهن. هاڻي اهو ادارو وائکو ٿي چڪو آهي ته عالمي انساني حقن جا اداري به سوال ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ رهندڙن مظلوم قومن کي ٻڌن پيا. جيڪو رياست لاءِ ايندڙ وقت ۾ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

جهڙي ريت اسٽيبلشمنٽ ۾ ڏار ملڪي سياست تي اثر وڌو آهي ان سان کاٻي ڌر جي اڳواڻن کي عوامي ساٿ ملي ويو آهي. اهو اسٽبلشمنٽ لاءِ خوفناڪ پر عوام لاءِ مسلسل جبر کان آزادي جو پيغام آهي. هن وقت سمورن کاٻي ڌر جي سياسي فردن کي اجتماعي جدوجهد طرف وڃڻ گهرجي. هڪ پاسي خبرون ملي رهيون آهن ته مارشل لا لڳي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سلامتي کي خطرو آهي پر ٻئي طرف آمريت کي عوام ڪڏهن قبول نه ڪندو. جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ به آمريت جي خلاف انقلابي سياست ڪري سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته هاڻي آمريت خلاف جدوجهد صرف انقلابي ٿي سگهي ٿي. اسان جي ملڪ جي تاريخ مان ڄاڻ ملي ٿي ته سياستدان جيڪي بوٽ پالشي رهيا آهن هميشا اقتدار سنڀاليو اٿن ۽ بوٽن وارن وري سامراج جا جوتا پالش ڪيا آهن جنهن تي کين امداد سميت قرض سولائي سان ملندو رهيو آهي پر هاڻي صورتحال اها آهي ته ملڪ اندر بوٽ پالشي ڌريون به تنگ ٿي چڪون آهن ۽ اندر ئي بغاوت پيدا ٿي آهي جڏهن ته عالمي طاقتون پنهنجي مفاد خاطر ڪهڙي سياست جماعت کي چاهن ٿيون ان به ملڪي سياست کي متاثر ڪيو آهي.

کاٻي ڌر هميشا مذهب کي سياست کان ڌار رکڻ جي پرچار ڪئي آهي پر هتي سياست به مذهب جي نالي تي ٿيندي رهي آهي پهريون ته عالمي سامراج ان کي هٿي وٺرائي روس جي اثر کي ختم ڪرڻ پئي چاهيو پر هاڻي اهي سندن ڳچي پئجي پيا ۽ 9/11 جي ڌماڪن کان پوءِ ته عالمي سامراج سخت مخالفت شروع ڪئي. هاڻي ته بوٽ پالشي به مذهب کي سياست ۾ استعمال ڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا ڇاڪاڻ ته ان جا نتيجا طالبان جهڙا دهشتگرد نڪتا آهن.

عمران خان نه رڳو مذهبي ڪارڊ کيڏيو پر مذهبي انتهاپسندن جي ٽولي کي متاثر به ڪيو هاڻي اسٽبلشمنٽ کيس ڪنهن به صورت قبول نٿي ڪري پر اسٽبلشمنٽ اندر هڪ ڌڙو عمران جو حمايتي آهي.  جيئن ته سڄو ملڪ پنڊي کان هلندو رهيو آهي، هاڻي اتي به ڏار پوڻ کان پوءِ حڪومت ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هڪ ڏاهي اها ڳالهه ڪئي هئي ته جڏهن پنجاب جي هڪ هٽي ٽٽندي تڏهن ملڪ ۾ انقلاب ايندو. انقلاب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسٽبلشمنٽ هٿان حڪومت شهرين ڏي وڃي ۽ عوامي ليڊرشپ ملڪ کي جمهوري طريقي سان هلائي. اسٽبلشمنٽ جي جبر خلاف هدايت لوهار جيان ڪيئي ساٿي پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي ويا جن کي نه وسارڻ گهرجي ۽ سندن جدوجهد کي اڳتي وڌائيندي هميشا ڏاڍ، ظلم ۽ جبر خلاف آواز اٿارجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.