چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي ۽ اليڪشن ڪميشن جو ڏوھ

تحرير: ناشاد شوڪت شنباڻي

پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي آزاد جهموريت جي نالي تي ٿيل چونڊن جي نتيجن جو سلسلو هن وقت تائين اڃان جاري آھي. جيتوڻيڪ اُن چونڊن کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آھن پر پوءِ به هن آزاد جهموريت جي نالي تي ٿيل فراڊ چونڊن جي حقيقت پڌري ٿي رهي آھي. ڪالهه کان وٺي جيئن جيئن چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌليءَ تي نوان انڪشاف ٿي رهيا آھن، اُن مان ڌانڌلي سان ڀرپور اليڪشن جو مڪروھ چهرو ظاهر ٿي رهيو آھي. اُن ڳالھه ۾ ڪا به لڪ ناهي ته اليڪشن ڪميشن پوري طرح سان نون ليگ جي وانگار وھي رھيو آهي، جنهن جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي لڳل الزام رڳو الزام ناهن پر حقيقت آھن.

جيئن راولپنڊي جي ڪمشنر اليڪشن ڪميشن کي وائکو ڪيو آھي اُن مان پڻ اليڪشن ڪميشن ڏوھ جو ڏوهاري آھي جو هُو هڪ پارٽي کي هارائڻ جي ڪري ايتري حد تائين ويو آھي، ۽ ڪجهه  اوچتو راولپنڊي جي ڪمشنر جي بيان تي نون ليگي ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ پڻ جهڙي طرح ٿرٿلو مچيو اُن مان لڳي رهيو آھي ته اليڪشن ڪميشن سان گڏ هنن سياسي پارٽين ۽ طاقتور ادارن جا پڻ هٿ ڪارا آھن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جهڙيءَ طرح تي سوشل ميڊيا تي هڪدم اچي پاڻ تي لڳل الزامن کي رد ڪيو اُن مان واضح آھي ته هن ملڪ جي جسٽس يعني انصاف ڪندڙ به عوامي ميڊيٽ چوري ۾ شامل ۽ اُن ۾ ملوث آھي. پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جي جبري گمشدگي تي جهڙيءَ طرح وڪيلن آواز اُٿاريو هو ته جسٽس صاحب اُهو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو ته هو سوشل ميڊيا ڏسئي نه ٿو، پر جڏهن مٿس الزام لڳي رهيا آھن ته انهن تي جلدي جلدي ۾ چيف جسٽس جا بيان ڏسجي ته حيران ڪندڙ ۽ پريشان ڪندڙ آھن. اُنهن سڀني چورين ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف  پي ٽي آءِ جي ملڪ گير احتجاج هڪ ڳالھه واضع پڻ ڪئي آھي ته عوام جو ميڊيٽ چوري ته ڪيو ويو آھي پر اُن کي ڦٻائڻ جو طريقو ڪنهن کي ناهي آيو، نه اليڪشن ڪميشن کي نه نون ليگ کي ۽ نه ئي پيپلزپارٽي کي سڀئي جهڙيءَ طرح سان وائکا ٿي رهيا آهن اُن مان هڪ وڏي ڳالھه اُها به سامهون آئي آھي ته اليڪشن ڪميشن ڇا ايتري حد تائين به وڃي سگهي ٿو؟

ڪيترائي ماڻهو ايمرجنسي ۽ مارشل لا  لاڳو ٿيڻ جي ڳالھه ڪري رهيا آهن ايمرجسي ۽ مارشل لا  هن دور ۾ واضع طور نه ٿي لڳي سگهي باقي لڪل طريقي سان مارشل لا عمران خان جي حڪومت هٽائڻ واري ڏينهن کان وٺي لڳل آھي. جھڙيءَ طرح پي ڊي ايم جي حڪومت مهانگائي ڪئي اُن جي خلاف اڄ تائين ڪا ڪاروائي نه ٿي ۽ نه ئي ڪا ڪميٽي جوڙي وئي ته هي آخر ملڪ سان ڇو ٿيو ڇو واڌو ٽيڪ لڳايا ويا ملڪ جي مسڪين ماڻهن تي، پر پوءِ به اڄ تائين اُن تي ڪا به تحقيق طلب ڳالھه ناهي ٿي. اڄ اليڪشن ڪميشن راولپنڊي جي ڪمشنر جي الزامن تي ڪميٽي جوڙي آھي ڏسون ٿا ته ايندڙ لاھ عمل اليڪشن ڪميشن جو ڪهڙو آھي پر هڪ ڳالھه واضح هي به ٿي چڪي آھي ته عوام جو اليڪشن ڪميشن تي پوري طرح اعتبار ناهي جنهن جي ڪري اليڪشن ڪميشن جو ڏوھ ڏينهون ڏينهن وڏو ٿيندو پيو وڃي…

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.