انڊونيشيا جو چونڊيل صدر پرابوو سوبيانتو ڪير آهي؟

انڊونيشيا دنيا ۾ وڏي مسلم آبادي وارو ملڪ ڳڻجي ٿو.جتي تازو صدارتي چونڊون ٿيون.جنھن ۾ 93 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آھي. چونڊن ۾ سگھاري قرار ڏنل اميدوار سوبيانتو پنھنجي ڪاميابي جو  اعلان ڪيو آھي.پرابوو سوبيانتو ملڪ جو دفاع وارو وزير آھي.غير سرڪاري نتيجن موجب پرابوو سوبيانتو کي 58 سيڪڙو ووٽن سان سرسي حاصل ٿي آھي. جنهن کانپوءِ پرابوو سوبيانتو پنهنجي فتح جو اعلان ڪيو آھي.مقامي اسٽيڊيم ۾ پنهنجي حامين آڏو  فتح جو اعلان ڪندي پرابوو سوبيانتو چيو ته سندس فتح سمورن انڊونيشين جي فتح آهي، اسين انڊونيشيا جي قابل پٽن ۽ ڌيئرن تي ٻڌل حڪومت ٺاهينداسين.

صدارتي اميدوارن ۾ شامل ٻن اڳوڻن صوبائي گورنرن انيس باسودان ۽ گنجر پرانوو، چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هنيو آهي.مخالف اميدوارن انيس باسويدان 25 سيڪڙو ۽ گنجر پرانوو 17 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.پارليماني ۽ بلدياتي چونڊن لاءِوڌل  ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي، چونڊن جي سرڪاري نتيجن جو اعلان 20 مارچ تائين ڪيو ويندو.انڊونيشيا جي صدارتي چونڊن ۾ غير سرڪاري اعلان ۾ دفاع واري وزير پرابوو سوبيانتو  پنهنجي مخالفن تي واضح سرسي حاصل ڪئي آهي.ووٽن جي ٿيل ڳڻپ موجب کيس 58 سيڪڙو ووٽ مليا آهن.

72 سالن  جي عمر جو  پرابوو سوبيانتو گذريل ٻن صدارتي چونڊن ۾ ناڪام ٿي چڪو هو.پرابوسوبيانتو کي صدر جوڪو ويدودو جي حمايت حاصل آهي. هن صدر ويدودو جي وڏي پٽ جبران راڪا بومنگ کي اليڪشن ۾ سدس نائب صدر بڻايو ھو.قومي ٽيليويزن تي پنھنجي نشر ٿيل تقرير ۾ هن چيو ته اسان کي غرور نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي گھمنڊ نھ ڪرڻ گهرجي. اسان کي جذبات جي ڌارا ۾ وھي نھ وڃڻ گهرجي. اسان کي ھاڻي انڪساري اختيار ڪرڻ  گهرجي. هي فتح سڀني انڊونيشيا جي ماڻھن جي فتح آھي ٻئي طرف پرانوو جي چونڊ مهم جي ٽيم جو چوڻ آهي تھ  اسين چونڊ ڀڃڪڙين جي رپورٽن جي جاچ ڪري رهيا آهيون.انڊونيشيا جي قانون موجب ڪنهن به اميدوار کي ملڪ جي اڌ صوبن مان پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪرڻا ھوندا آھن. جيڪڏهن ڪو به اميدوار اڪثريت حاصل نٿو  ڪري سگهي تھ وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيل ٻن اميدوارن ۾ جون ۾ مقابلو ٿيندو.پرابوو سوبيانتو ڪير آهي؟ پرابوو جي واضح  ڪاميابي سندس سياسي ارتقا ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي نشاندھي ڪري ٿي.ھو اصل ۾ ملڪ جي آمر سوھارتو جو ناٺي آھي، پرابوو اسپيشل فورسز جو اڳوڻو ڪمانڊر بھ آھي.ھن کي 1998ع ۾ ان وقت برطرف ڪيو ويو جڏھن اھو الزام لڳو تھ  اسپيشل فورسز سهارتو جي مخالفن کي اغوا ڪري تشدد نو نشانو بڻايو آھي. ان وقت جن اغوا ڪيل 22 سياسي ڪارڪنن مان 13 ڄڻا اڃا گم آهن. جيتوڻيڪ پرابوو  خلاف ڪو به ڪيس نھ ھليو پر سندس ساٿين تي ڪيس ھليو ھو ۽ انھن کي سزائون بھ آيون ھيون. پرابوو تي اوڀر تيمور ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو پڻ الزام هو، جنهن سوهارتو جي حڪومت جي خاتمي دوران انڊونيشيا کان آزادي حاصل ڪئي ھئي. انڊونيشيا جي وڳوڙن ۾ ورتل علائقي پاپوا  ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو به الزام پڻ ھن تي لڳندو رھيو آھي.پرابوو هڪ اهڙي معيشت جو وارث ٿيندو جنهن  گذريل سال صرف پنج سيڪڙو کان ڪجهھ وڌيڪ اوسر ڪئي آھي.هن پنهنجي چونڊ مهم دوران جوڪو ويدودو جي پاليسين کي جاري رکڻ جو واعدو ڪيو ھو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.