قوم، گڏھ ۽ رھبر

تحرير؛ ڄام صنم سنڌي

مون اڪثر محسوس ڪيو آھي ته ڪا به ڳالھه سنئون سڌو ٻڌائڻ يا سمجھائڻ سان ماڻھن کي گھٽ سمجهھ ۾ ايندي آھي پر جيڪڏھن ساڳي ڳالهھ ڪنھن ڏور، بيت، قصي، ڪھاڻي يا آکاڻيءَ ذريعي ٻڌائجي ته اھا نصيحت سالن تائين سندن سوچ تي حاوي رھندي آھي ڇو ته ھر انسان جي اندر ۾ ھڪ ٻار ھوندو آھي جيڪو نصيحت يا سمجھاڻي جي آکاڻي واري انداز کي وڌيڪ پسند ڪندو آھي پوءِ ڀلي اھو ڪھڙي به عمر سان تعلق ڇو نه رکندو ھجي .

مان به اوھان کي اڄ يمن ملڪ جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جي ڳالهھ ٿي ٻڌايان جتي سڀ کان وڏو مسئلو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو ھو اتي جا رھاڪو صاف پاڻي ڀرڻ لاءِ جبلن جو ڏکيو، خطرناڪ، کڏن، کاھين ۽ گھاٽي جھنگ وارو تمام ڊگھو رستو لنگھي پوءِ وڃي صاف پاڻي جي چشمي تي پھچندا ھئا ڳوٺ وارا جڏھن پيئڻ جو صاف پاڻي ڀرڻ ايندا ويندا ھا ته کين ھڪ اونھي کاھيءَ واري خطرناڪ ۽ سوڙھي رستي وٽان ھڪ موڙ تان گذرڻو پوندو ھو جتان گذرندي اڪثر ٻار، مرد، عورتون ۽ گڏھ ترڪڻ سبب موت جي منھن ۾ وڃي چڪا ھئا گھڻي عرصي تائين موتمار مسئلي کي منھن ڏيڻ کانپوءِ انجو حل ڳولڻ لاءِ ڳوٺاڻا گڏجي ٻئي ڳوٺ جي وڏڙن وٽ گڏ ٿيا ۽ پنھنجي مصيبت جو ذڪر انھن سان ڪين جن مان ھڪ سياڻي وياڻي کانئن پڇيو ته ”ڇا توھان مان ڪو اھڙو ماڻھو آھي جيڪو ننڍپڻ کان گڏھ سان گڏ چشمي طرف ويندي ان خطرناڪ موڙ تان ڪريو ھجي؟ “ ڪجهھ ڄڻن وراڻيو ته ھا اسين ڪيترائي ڀيرا اتان ڪري شديد زخمي ٿي چڪا آھيون، پڇڻ واري حيرت مان چين ته جيڪڏھن اوھين ڄاڻو ٿا ته اھو رستو تمام خطرناڪ ۽ غير محفوظ آھي ته پوءِ اوھان پاڻيءَ تائين پھچڻ لاءِ ڪو ٻيو محفوظ رستو ڇو نه ڳوليو ۽ اختيار ڪيو؟ تنھن تي ڳوٺ وارن جيڪو جواب ڏنو اھو عقل کي دنگ ڪرڻ لاءِ ڪافي ھو انھن وراڻيو ته ”اسان پنھنجو رستو ان ڪري نٿا مٽائي سگھون ڇو ته اسين سڄو سفر گڏھن جي پيروي ڪندي طئي ڪندا آھيون اھي گڏھ ئي اسان جي رھنمائي ڪندي اسان کي پاڻيءَ جي چشمي تائين وٺي ويندا آھن“

مان سمجھان ٿي اسان وٽ علم پرائڻ بجاءِ ڍويو ويو آھي تڏھن ته اسانجو به ساڳيو ئي مٿئين قصي وارو حال آھي ذھني غلامي بدترين غلامي ھوندي آھي ذھني طور غلام قومون گڏھن جي رھنمائي ۾ انھن جي پيروي ڪندي خطرناڪ رستن ۽ موڙن تان گذرندي روز موت جي منھن ۾ پونديون رھنديون آھن سندن حقن جي رستن ۾ کڏون ۽ کاھيون ھجڻ سندن مقدر بڻجي ويندو آھي ڇو ته ھُو عقل، شعور ۽ صحيح انتخاب کان محروم ھونديون آھن وٽن پنھنجي ذھانت سان دڳ ڳولڻ جي صلاحيت ناھي ھوندي ھو فقط گڏھن جي پوئواري ڪندي ھر موڙ تي ترڪي مرڻ کي پنھنجو نصيب سمجھنديون آھن اھڙيون قومون سک ته ٺھيو بنيادي ضرورتن لاءِ به سڪندي مري وينديون آھن سندن نسل سدائين سورن جا جبل جھاڳيندا رھندا ۽ سخت مشقت جي چڪيءَ ۾ پسجندا رھندا آھن ياد رکو ته جڏھن به ڪا قوم گڏھن کي پنھنجو رھبر بڻائيندي آھي ته پوءِ سندن قسمت ۾ اِٽن کانسواءِ ڪجهھ به ناھي ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.