ڪالمن جي مجموعي”سويرن جي ساک“ تي ھڪ نظر

تحرير؛ عبدالواحد سومرو

اڄ اليڪٽرانڪ ميڊيا، نيٽ ۽ ٽوئٽر تائين جو سفر ڪري آئي آھي، ان سفر جي شروعات اخبار سان ٿي ۽ اھميت تھ اڄ بھ آھي، ان اخبار جو اھم پيج ايڊيٽوريل کان شروع ٿئي ٿو ۽ ان صفحي تي مضمونن/ڪالمن جي بھ پنھنجي پنھنجي اھميت تھ آھي.اھو بھ سراسر سچ آھي تھ اخبار جي عمر ھڪ ڏينھن تي ٻڌل آھي، ڀل تھ اجا خبر ان اخبار جو ھڪ حصو ھڪ ڏينھن جي لاءِ ڇو نھ بڻي ھجي، پر اڄ جي اخبار، اھا خبر ايندڙ دور جي تاريخ آھي.

ڇو تھ تاريخ تھ درٻاري ۽ سرڪاري، خوشامدي بنڊلن، ڀريل کاتن تي ٻڌل ھوندي آھي، پر اڪثر اخبارن جي اندر ڇپيل خبر مستقبل جي تاريخ جو حصو بڻجي پوندي آھي.ان جي مثال جي لاءِ تازيون ٿيل چونڊون اڳيان آھن، انھن ٿيندڙ چونڊن تي اڳ ۾ اصغر خان جو ڪيس عدالتن ۾ پيل آھي، ائين جڏھن محترمھ بينظير ڀٽو 88ع جي اليڪشن کٽي آئي ھئي تھ محترمھ بينظير ڀٽو صاحبھ اقتدار جي جوش ۾ ڪالا باغ ڊيم ۽ ڌارين جي آبادڪاري جي حمايت ۾ بيان ڏنو، پر وقت وقت جي ڳالھھ آھي تھ پنجاب سنڌ بارڊر تي ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان محترمھ ان احتجاج ۾ شريڪ ٿي.

بھرحال ان ھڪ ڏينھن جي ڳالھھ، اخبار جي ڇپيل خبر مستقبل جي تاريخ آھي.ان حوالي سان اخبارن ۾ ويجھڙ ۾ بھ ھڪ خوش نصيب ڪالمسٽ اسان جي اڳيان آيو آھي، جنھن جا ڪالم نھ صرف ڇپجندا رھنس ٿا، پر ان کان وڌيڪ سٺي مثبت ڳالھھ اھا آھي تھ ذلفي چاچڙ جي ڪالمن جا ٻھ مجموعا ڇپجي چڪا آھن، ھڪ ڳوٺ، تڪ ۽ تر جي ماڻھن تي “منفرد ماڻھو” جھڙو ڪتاب بھ پڙھندڙن تائين پھچائي چڪو آھي.

ان تسلسل ۽ محنت سان لکندي ذلفي چاچڙ جو تازو نئون ڪالمن جو مجموعو “سويرن جي ساک” ڇپجي چڪو آھي.ڪتاب جي ارپنا مزاحمتي شاعر اردي اتراد جي نانءَ ڪيل آھي.ڪتاب جي فھرست ۾: اداري پاران قمر آفتاب لکيو آھي ۽ ڪتاب جو مھاڳ مشھور معروف صحافي زرار پيرزادي لکيو آھي.ٻھ اکر ٻئي مشھور ڪالمسٽ اعجاز منگي ۽ پنھنجي پاران ڏنل آھي.

مھاڳ ۾ زرار پيرزادو لکي ٿو تھ: ذلفي چاچڙ جي ھن ڪتاب جا ڪالم جيئن تھ ڪرنٽ افيئرز تي اخبار لاءِ لکيا ويا آھن تنھن ڪري ان جا موضوع ظاھر آھي تھ حڪمرانن ۽ حڪومت جي مسئلن تي آھن، پر جيڪڏھن انھن ڪالمن کي اندر وڃي پڙھبو تھ انھن ۾ اصل ڳالھھ وري بھ عوام جي مسئلن تڪليفن ۽ ان جي گھرجن جي ٿيل ملندي، ذلفي چاچڙ کي ڏسبو تھ اھو بظاھر عام سادو ۽ معصوم ماڻھو نظر ايندو، پر ڪالمن ۾ وري اھو انتھائي برجستو، بي باڪ، اڻموٽ ۽ اصولي ليکڪ نظر ايندو.”

ٻھ اکر ۾ اعجاز منگي لکيو آھي تھ :“ ذلفيءَ ھڪ قلمي مسافر آھي، ھن جي اڳين ڪتابن جيان، ھن جو ھي ڪتاب بھ ھڪ قلمي مسافر جو موڙ آھي، ھر ڪتاب ھڪ موڙ ھوندو آھي، ھن جي قلمي زندگيءَ ۾ اڃان ڪيترا موڙ ايندا؟ ان جو پتو تھ ھن کي پاڻ بھ ناھي، پر ھن کي اھا پڪ آھي تھ اڃان ھن کي گھڻو ڪجھھ لکڻو آھي.”

پنھنجي پاران ۾ ليکڪ لکي ٿو تھ: “ آئون مختلف وقتن جي مختلف اخبارن ۾ لکندو رھيو آھيان، پر گزريل ٽن سالن 2021ع کان روزاني عوامي آواز ۾ “سويرن جي ساک” جي سري ھيٺ ڪالم لکي رھيو آھيان، ان عرصي دوران سنڌ ۾ پڙھندڙ جو ھڪ وسيع حلقو پڻ ملي رھيو آھي، جيڪو مختلف طريقن سان پنھنجي پسند جو اظھار ڪري مون کي لکڻ لاءِ ھمٿائيندو رھي ٿو، ٽن سالن کان لکيل ڪالمن مان چونڊ ڪالم ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آھن، جيڪي اميد تھ پڙھندڙن کي پسند ايندا.”

”پاڪستان ۾ صدارتي نظام جون ڳالھيون”

پاڪستان جي تاريخ ۾ پنجاب جي بالادستي سدائين قائم رھي آھي، ھن ملڪ تي صرف اھو شخص حڪمراني ۽ پنھنجي اقتداري عمر پوري ڪري سگھي ٿو، جيڪو پنجاب جي تابعداري ۽ ملڪ جي ھڪ سگھاري اداري جي مفادن جي مڪمل پاسداري ڪندو ھجي، پنجاب پاڻي، معدني وسيلا، نوڪرين تي قبضي کان ڊيم نھ صرف ايترو پر ھو صدارتي آرڊيننس ذريعي ون يونٽ جھڙو ٻيو ڪو نظام آڻي سنڌ بلوچستان کي پنھنجي ڪالوني بڻائڻ جھڙا خطرناڪ خيال ۽ ارادا رکي ٿو.”

”ڇا پ پ پ پنجاب ۾ پنھنجا پير پختا ڪري سگھندي؟“

پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جو معرڪو فتح ڪرڻ کي بلاول ڀٽو کي وزير اعظم بڻائڻ لاءِ ڪنھن بھ حد تائين وڃي سگھي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ جو پاڻي بھ پنجاب کي ڏئي عملي طور شروعات بھ ڪري ڇڏي آھي ٿي سگھي ٿو پردي جي پٺيان پنجاب کي ڪالباغ ۽ ڊيم ٺھڻ جو آسرو بھ ڏنو ويو ھجي، جنھنجي تعمير پنجاب جي پراڻي خواھش بھ رھي آھي، ڇو تھ پ پ جي دور ۾ ئي سنڌ ۾ ذوالفقار آباد، بحريا تئاون جھڙا سنڌ دشمن منصوبا شروع ٿيا، پر امن احتجاج ڪرڻ تي ھزارين سنڌي ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪري کين جيلن ۾ وڌو ويو، ۽ ڇانوڻين جي تعميرات لاءِ سنڌ جي سوين ايڪڙ زمين ڏني وئي، پ پ پاران سنڌ سان ويساھھ گھاتين وارو داستان پراڻو آھي.”

”بااختيار “ماڻھو ۽ بي اختيار وزير اعظم“

بلوچستان جو ٻرندر مسئلو جبري گم ڪيل ماڻھن جو آھي، جنھن خلاف بلوچستان جا ماڻھو اڪثر احتجاج ڪندي نظر ايندا آھن، ۽ ڪوئٽا کان ڪراچي، ڪراچي کان اسلام آباد تائين پيادل مارچ پڻ ڪري چڪا آھن، جيڪو ويجھن تاريخ جو سڀ کان ڊگھو پيادل مارچ آھي، وزير اعظم شھباز شريف لاپتا ٿيل ماڻھن بابت چيو آھي تھ ھو بااختيار ماڻھن سان ڳالھائيندو ۽ ان مسئلي جو ڪو نھ ڪو حل تلاش ڪري وٺندو.”

”سنڌ! جتي ماني مھانگي ۽ موت سستو ٿيندو پيو وڃي!“

سنڌ ۾ حڪومتي نمائندن جي جيتري ڪرپشن ۽ نااھلي ڏٺي وئي آھي، ان کان وڌيڪ بيحسي ۽ لاقانونيت جو راڄ قائم ٿيل آھي، بدقسمتي سان سنڌ ڄڻ جھنگ بڻجي وئي ھجي، جتي ڪي جان وٺڻ لاءِ آتان آھن تھ ڪي وري سر بچائڻ لاءِ پريشان، ھٿرادو مھانگائي ۽ اٽي جو بحران جيڪو غريب ماڻھن کي جيئڻ جھڙو نھ ڇڏيو آھي ۽ ماڻھو اھڙي زندگي کان مرڻ جي تمنا ڪرڻ لڳا آھن، جن جا ٻچڙا فاقھ ڪاٽيندي راتون روئي گذاريندا ھجن، وٽن جيئڻ لاءِ ٻيو ڪھڙو جواز باقي بي ٿو، ۽ سندن ناسمجھھ نياڻيون مٽي کي اٽي وانگر ڳوھي مٽي جي ماني پچائي خود کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺيون ويون آھن.”

”فوج، سياست ۽ نواز شريف جي وطن واپسي جو امڪان…..!“

پاڪستان جي تاريخ ۾ لڳ ڀڳ 33 سال مارشل لا رھيو آھي، يعني پاڪستان جي اڌ عمر تائين آمريت جو ڪارو دور رھيو آھي، ۽ باقي عرصو نام نھاد جمھوريت رھي آھي جيڪا آمريت جھڙي بدتر ثابت ٿيندي رھي آھي، ڇو تھ اھا سدائين آمريت جي آڪيسجن تي ئي ساھھ کڻندي رھي آھي، جنھن کي ڪنھن بھ طرح حقيقي جمھوريت چئي نٿو سگھجي، اھو ئي سبب آھي جو اسان مسئلن ۽ اسان جو ملڪ بحرانن مان نڪري نٿو سگھي، ڪجھھ اھڙا سياستدان بھ آھن جن کي اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي آھي تھ مستقل ۾ ڇا ٿيندو.”

”جنرل باجوا جا اعتراف ۽ غلطين جي ازالي جو معاملو“

جنرل قمر باجوا اھو پڻ چيو آھي تھ نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ ئي اقتدا مان ٻاھر ڪڍي عمران خان کي آندو، ان قسم جون ڳالھيون اڳ ۾ ڪجھھ رٽائرڊ جنرل يا تھ ٻاھر ويھي ڪندا ھئا يا وري ڪتابن ۾ اڌورا اعتراف ڪيا ويندا رھيا، پر آرمي چيف جي ڪيل ڳالھين مان ظاھر ٿئي ٿو تھ پاڪستان جي سياست ۾ وڏي تبديلي اچڻ واري آھي، جنھن کي اسين ڪنھن قدر مثبت تبديلي بھ چئي سگھون ٿا.

”سنڌ ۾ سستو اٽو عوام لاءِ خواب بڻجي ويو….!“

سنڌ ۾ اٽي جو بحران پيدا ڪيو ويو آھي، جيڪو بحران بلڪل بھ ھٿرادو آھي ڇاڪاڻ تھ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪا بھ کوٽ ناھي، ھزارين مڻ ڪڻڪ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ واقع سرڪاري گدامن ۾ سڙي ڳري رھي آھي.

سنڌ جي ھر شھر توڙي ٻھراڙيءَ ۾ اٽو پنج ھزار رپين کان بھ وڌيڪ پئسن تي في مڻ جڏھن تھ ھڪ سو ٽيھھ رپين کان ڏيڍ سئو رپين تائين ھڪ ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي، جنھن سان نھ رڳو ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ گھٽ آمدني وارا مزدور ماڻھو ڏچي ۾ پئجي ويا آھن.

ھن ڪالمن جي مجموعي ”سويرن جي ساک“ کي پڙھندي سنڌ جي خراب معاشي، سياسي توڙي ادبي ڌرين جي ڪارڪردگي اڳيان اچي بيھي ٿي.مقصد ۽ مطلب تھ ڪالمسٽ ذلفي چاچڙ جي ڪالمن کان پوءِ ذھن جنجھوڙي سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري تھ ھان ھي سڀ ڪجھھ ڪيس، ڪلور، عقوبتون رونما ٿينديون رھن ٿيون.ان لاءِ سوچي سمجھي ھڪ واٽ، گس ۽ راھھ جو تعين ڪرڻ جي ھمت حوصلو ھن ڪالمن پڙھڻ سان ملي ٿو، سوچڻ جو ۽ غور فڪر جو رستو ملي ٿو تھ اھا ھنن ڪالمن جي ۽ ڪالمسٽ جي ڪاميابي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.