”احساس ذميواري“ وارو ناپيد ٿيندڙ جذبو

روزاني جي زندگيءَ ۾ جيتوڻيڪ هر ماڻهو ڪم ڪندو آهي، ڪنهن نه ڪنهن ڪرت سان لڳل هوندو آهي پر اهو لازمي ناهي ته هر ماڻهو ”احساس ذميواري“ سان به ڪم ڪندو هجي. اها صورتحال اسان تمام مٿين سطح کان انتهائي هيٺين سطح تائين به نظر ايندي آهي. ان جو دائرو رياستن، حڪومتن وزارتن، ادارن تائين به کڻي اچو ته احساس ذميواري جو فقدان  ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ئي نظر اچي ٿو.

ايئن برابر آهي ته مڪمل طور تي احساس ذميوار جو عنصر گهٽ ناهي ٿيو پر اڪثريتي طور ضرور ڏسڻ ۾ ايندو. اهو لاڙو ايئن ئي آهي جيئن عام تجربي توڙي مشاهدي ۾ نظر ايندو ته هر ماڻهو محنتي ناهي هوندو، ڪي ڪي ماڻهو هوندا آهن جن کي محنتي چئبو آهي. اها محنت ئي اصل ۾ احساس ذميواري ڪرائيندي آهي.  اها احساس ذميواري ئي آهي جنهن نظم ۽ ضبط کي پيدا ڪيو آهي.ان احساس ذميواري جي معيار تي پورو لهڻ جون به گهرجون هونديون آهن. جن جو مختلف شڪليون ٿينديون آهن. اهي سڀ شڪليون اصل ۾ احساس ذميواري واري جذبي جي نمائندگي ڪنديون آهن پر پوءِ به مجموعي طور تي ڏسجي ته احساس ذميواري جو عنصر اسان جي سماج مان موڪلائيندي نظر اچي ٿو.

اسان پنهنجي ملڪ ۽ سماج جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. هتي ٽيڪنالاجي ۾  برابر وڏي ترقي ٿي آهي ۽ اها نظر به اچي رهي آهي جيڪا جدلياتي سائنس جي تقاضا به آهي پر نظرياتي ۽ فڪري طور زوال نظر اچي رهيو آهي. شارٽ ڪٽ جو عنصر چوٽ چڙهي ويو آهي. ڪنهن علم ۽ شعبي کي پاڻ ارپڻ وارو، مهارت حاصل ڪرڻ وارو جذبو ناپيد ٿي رهيو آهي.اهو سڀ احساس ذميواري نه هئڻ جو نتيجو آهي.

پنهنجي ڪم سان دلچسپي، سچائي، سنجيدگي ۽ محنت جو تعلق اصل ۾ احساس ذميواري سان آهي. احساس ذميواري ئي ڪنهن به ڪم کي سٺو ۽ وقت تي مڪمل ڪرڻ ڏانهن راغب ڪندي آهي ۽ جڏهن ڪم ڏانهن اها نيت هوندي تڏهن ئي اهو ڪم سٺو به ٿيندو، معياري به هوندو ۽ وقت تي به ٿيندو. هاڻي انهن معيارن کي پراڻيون ڳالهيون چئي ٿڏيو وڃي ٿو. هاڻي شارٽ ڪٽ جو زمانو آهي، محنت بنا جڳاڙ تحت سڀ ڪجهه ڪرڻ جو لاڙو حاوي آهي.

پر سوال اهو آهي ته عام ماڻهو ته ننڍي سطح تي جڳاڙ سان ڪم ٽپائي وڃي ٿو پر جيڪڏهن رياستون، حڪومتون، ادارا، تاريخدان، اديب، ڊاڪٽر انجنيئر، سماج سڌارڪ، سياستدان، ميڊيا به جڳاڙ تي هلڻ لڳن ته باقي ڇا  بچيو؟ پر حقيقت اها آهي ته اڄ ڪلهه جڳاڙ تي ئي سڀ ڪجهه هلي رهيو آهي. افسوس ته هاڻي هر سطح تي جڳاڙ وارو ڪم هلي رهيو آهي. احساس ذميواري جو ڪو تصور ناهي رهيو. سڀ جيڪو ڏيکاريو وڃي جيڪو چيو وڃي ان کي تسليم ڪيو پيو وڃي. هتي ڪو چيڪ اينڊ بيلينس ناهي. ڪو اصول ناهي رهيو ڪو معيار ناهي.

جنهن شخص ڪڏهن ”ڪالم“ لکيو ئي نه هجي هتي ان کي بهترين ڪالم نگار چئبو. هاڻي اهو تصور آهي ته جيڪو به مضمون اخبار ۾ لکجي ٿو سو ڪالم آهي. ڪنهن جي سنڌي صورتخطي به صحيح نه هجي، چوٿين پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي واري سنڌي لکندڙ کي بهترين نثر نويس چئي ڇڏبو. ڪوڙي تاريخ لکڻ جو ته تمام آڳاٽو رواج آهي پرهن جديد دور ۾ به بنا تصديق جي ۽ بغض تحت تاريخ لکي وڃي ٿي ۽ اها ڇپجي به وڃي ٿي سو هاڻي ڇپجڻ به ڪو معيار ناهي رهيو.

ماضيءَ ۾ريڊيو ۽ ٽي وي جي ڊرامن کي ٻڌي ۽ ڏسي ڪري سنڌي سکبي هئي پرهاڻي ريڊيو ۽ ٽي وي تي جيڪا سنڌي ڳالهائي ۽ ٻڌائي وڃي ٿي تنهن تي تنقيد ٿي رهي آهي ته ان نئين نسل جي سنڌي خراب ڪئي آهي. اهو سڀ احساس ذميواري نه هجڻ ۽ جڳاڙ تي ڪم ڪرڻ يا ڪرائڻ جو نتيجو آهي.

اسان وٽ مٿين اعليٰ سطح کان وٺي هيٺ تائين جي صورتحال اها آهي ته ڪم وٺي، ذميواريون کڻي انهن کي وساريو وڃي ٿو. ڪير به مقرر وقت تي ٽارگيٽ پورو نه ڪندو. چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ لاءِ عوام ڏانهن ويندا. واعدا وچن ڪري ايندا پر جڏهن انهن واعدن کي پاڙڻ جو وقت ايندو ٻه ويهاڻا مٿن کان رکي اگهور ننڊ ۾ سمهي پوندا. ۽ تڏهن جاڳندا  جڏهن وري پنجن سالن کانپوءِ چونڊن جي موسم ايندي. حڪمران حڪومتون ته وٺي ويهي رهندا پر حڪومت چئبو ڇا کي آهي تنهنجي پروڙ نه هوندن. جمهوريت جو نعرو هڻندا پر جمهوريت چئبو ڇا کي آهي تنهن جي خبر نه هوندن. انقلاب جي ڳالهه ڪندا  پر ”انقلاب“ جي روح کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪندا. پارليامينٽ ۾ ويهندا  پر ان جي تقاضائن کي نه سمجهندا. سياست ڪندا، سياستدان سڏائبا پر ان جي الف ب کان واقف نه هوندا. اهو تاثر عام آهي.

اها حقيقت نه هجي ها ته اسان کي هتي آئڊيل رياستي، حڪومتي، پارلياماني، گڊ گورننس جو نظام نظر اچي ها. پر هاڻي هر پاسي تباهي ۽ بربادي آهي، لاقانونيت عام آهي. ڪنهن جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ناهي نه ئي تڪڙي انصاف ملڻ جي ڪا اميد آهي. انهن سڀني معاملن جو توڙ ”احساس ذميواري“ واري جذبي ۽ عنصر ۾ آهي. احساس ذميواري وارو جذبو ئي اصل ۾ هر ڪم کي مڪمل بڻائي سگهي ٿو.

احساس ذميواري  جو اهو جذبو والدين جي پرورش درسگاهن سان گڏ راستن جي قدرن پيدا ٿيندو آهي. رياست جو معيار جيڏو اوچو هوندو، رياست، جمهوري هوندي ۽ پارلياماني هوندي، آئين ۽ قانون تي هلندڙ هوندي ته ان جا قدر به پوءِ هر شئي تي لاڳو ٿيندا آهن پر جيڪڏهن رياستون ڪمزور هونديون، حڪمران ڪرپٽ هوندا ته سڄو معاشرو ڪرپٽ ۽ غير ذميوار ٿي ويندو ۽ رياست توڙي حڪومتن سان گڏ سڄي سماج جا قدر به هڪ هڪ ٿي ڪرندا رهندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.