ميهڙ ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو، عورت مارجي وئي، مڙس ۽ ٻه پٽ زخمي، احتجاج

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ڀرسان فريدآباد ٿاڻي جي حد کھڙا جي ڳوٺ ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ مبينا ٻارن جي معمولي ڳالهھ تان جھيڙو سروٽا ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 8 ٻارن جي ماءُ 40 ورهين جي مسمات راحت زال  محب علي کوسو موقعي تي مارجي وئي، جڏھن ته جھيڙي دوران عورت جو مڙس محب علي ۽ سندس ٻه پٽ صاحب کوسو ۽ 7 ورھين جو معصوم ٻارڙو ياسين کوسو زخمي ٿي پيا، زخمين ۽  مقتول عورت جي لاش کي تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو تعلقي اسپتال ۾ عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، تعلقي اسپتال ميھڙ جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب فوتي عورت کي ظاھري جسم جي ڪنھن به حصي تي ڌڪ جو نشان نظر نه آيو آھي جڏھن ته دل بيھڻ سبب موت جو ڪارڻ ٿي سگھي ٿو وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪجھ ٻڌائي سگھبو، مبينا قتل ٿيل عورت جي وارثن اڪبر کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ٻار پاڻ ۾ وڙھي پيا ھئا جنھن بعد جوابدارن غلام عمر ، نادر ، دادن ۽ ٻين اسان جي گھرن تي حملو ڪيو آھي حملي دوران 8 ٻارن جي ماءُ مسمات راحت کوسو پنھنجي پٽ صاحب کوسو کي بچائيندي ڌڪ لڳڻ سبب مارجي وئي آھي جڏھن ته جوابدارن محب کوسو ، صاحب کوسو ۽ ياسين کوسو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن ھنن چيو ته جوابدارن ظلم ڪيو آھي کيس گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، فريدآباد پوليس موجب کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جا اطلاع مليا آھن ڌريون ويجھا عزيز آھن جڏھن ته ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان جھيڙي جا اطلاع مليا آھن وڌيڪ واقعي بابت شفاف نموني جانچ ڪري رھيا آھيون، ذريعن موجب واقعو ڪارنھن جي الزام تان پيش آيو آھي جڏھن ته جوابدار غلام عمر پنھنجي ڀائٽي جو نوجوان صاحب کوسو مٿان ڪارنھن جو الزام مڙھيو يو جنھن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي جوابدار ڌر پاران حملو ڪيو ويو جنھن بعد پٽ کي بچائيندي ماءُ مارجي وئي آھي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.