نگران وزيراعظم اڄ عدالت طلب،رياستي ادارا بلوچن جي جبري گمشدگين جا ذميوار آهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي 19 فيبروري(اڄ) تي طلب ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم پاڪستان، گهرو وزير، انساني حقن وارو وفاقي وزير ۽ بچاءَ وارو وزير کي 19 فيبروري تي صبح 10 وڳي عدالت ۾ پيش ٿين گهرجي، لاڳاپيل وزارتن جا  وفاقي سيڪريٽريز به ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ٻڌڻي تي اٽارني جنرل جي يقين ڏيارڻ باوجود بلوچ شاگردن کي بازياب نه ڪرايو ويو، لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت کي قانون جي حڪمراني ۾ دلچسپي ناهيحڪم نامي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم، گهرو ، بچاءَ واري وزير ۽ گهرو ۽ بچاءَ وارن سيڪريٽرين عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو آهي، تنهن ڪري وزيراعظم، وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي طلب ڪري وضاحت گهرڻ کان سواءِ ڪو به آپشن ناهي،عدالت چيو ته وزيراعظم، گهرو ۽ بچاءَ وارا وزير ۽ گهرو ۽ بچاءَ جا سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿين ۽ ٻڌائين ته بلوچ شاگردن کي بازياب نه ڪرائڻ تي سندن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي؟اهو پهلو وزيراعظم، گهرو ۽ بچاءُ وارن وزيرن ۽ ٻنهي سيڪريٽرين کي مس ڪنڊڪٽ جو ڏوهي بڻائي ٿو،حڪم نامي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اهي اهلڪار سماج خلاف ڏوهن ۾ ملوث آهن، جتي شهرين کي انهن جي زندگي ۽ آزادي جي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي، رياستي ادارن وٽ پنهنجي ڪنڊڪٽ جي ڪابه وضاحت ناهي بلڪه اهي مڪمل خاموش آهن،هي عدالت وڏي واضح آهي ته ان ڪيس ۾ ٻه حالتون ٿي سگهن ٿيون، يا ته رياستي ادارا اغوا ۽ جبري گمشدگين جي ڪرمنل ايڪٽ جا ذميوار آهن، يا وري رياستي ادارا مڪمل طور ناڪام آهن ته گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نٿا ڪرائي سگهن، عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته گم ٿيل ماڻهو دهشتگردي يا ڪنهن ٻئي ڏوهه ۾ ملوث آهن ته انهن کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، انهن خلاف ڪيس داخل ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ قانون موجب فيصلا ٿيڻ ڏنا وڃن.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گهرو ۽ بچاءَ واري وزارت جا آفيسر سيل ٿيل لفافي ۾ به ان حوالي سان ڪجهه به عدالت آڏو پيش نه ڪري سگهيا.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.