سرفراز بگٽي کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جو معاملو سامهون اچي ويو آهي. پيپلز پارٽي پاران سرفراز بگٽي کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد  ڪرڻ جو فيصلو. ذريعن موجب حق دو تحريڪ جي هدايت الله، جماعت اسلامي جي مجيد باديني به پيپلزپارٽي جي حمايت جو يقين ڏياريو. بلوچستان مان 3 آزاد اميدوارن جي به جلد پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي. مسلم ليگ ن به بلوچستان حڪومت ۾ شامل ٿيندي. آصف علي زرداري ايندڙ 2 ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ قائد ايوان جو اعلان ڪندو،هوڏانهن نواب ثناءُ الله خان زهري سان بلوچستان جي ٽن آزاد اسيمبلي ميمبرن ملڪ اسفنديار ڪاڪڙ، مولانا نورالله ۽ حاجي لياقت لهڙي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلوچستان ۾ حڪومت سازي، ملڪي سياسي صورتحال سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ آزاد چونڊيل ميمبرن جلد پ پ ۾ شموليت جو اشارو ڏنو،ملاقات ۾ جنرل(ر) عبدالقادر بلوچ،حاجي صلاح الدين زهري ۽ پ پ ضلعي حب جو صدر مير علي حسن زهري به موجود هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.