بلوچستان ۾ ڪو به وڏوزارت لاءِ نامزد ناهي ٿيو: علي حسن زهري

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) پيپلز پارٽي بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ ڪنهن به ميمبر کي نامزد نه ڪيو آهي،بلوچستان بابت آصف علي زرداري جي ترجمان  مير علي حسن زهري چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي اسلام آباد پهچندو.بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ گڏيل مشاورت کانپوءِ وڏي وزير جي نامزدگي جو فيصلو ڪيو ويندو،هن چيو ته مختلف ٽي وي چينلن تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي. بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم

ٿيندي. گڏيل صلاح مشوري کانپوءِ بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ اميدوار جو نالو ايندڙ 2 ڏينهن ۾ فائنل ڪيو ويندو. ٽي وي چينل افواهه ۽ سوشل ميڊيا خبرون هلائڻ کان پاسو ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.