بلوچستان ۾ پ پ وڏي وزير جي نامزدگي جو فيصلو ناهي ڪيو: سر بلند خان

ڪوئيٽا (م ڊ)  پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جي اطلاعات سيڪريٽري سردار سر بلند خان جوگيزئي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي نامزدگي بابت هن وقت تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو. پنهنجي هڪ بيان ۾ سربلند جوگيزئي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي نامزدگي بابت مرڪزي قيادت ڪجهه ڏينهن ۾ فيصلو ڪندي، سرفراز بگٽي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر آهي. پيپلز پارٽي بلوچستان جي سيڪريٽري اطلاعات جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين سرفراز بگٽي سميت ڪنهن به شخص جو نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي، بلوچستان جو وڏو وزير جيالا هوندو. سردار سربلند خان جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي نالي جو اعلان پارٽي قيادت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.