ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ تيل سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي، ماڻهو ٿانو کڻي پهچي ويا

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي ويٽا چورنگي وٽ کاڌي پيتي جي تيل سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ سبب هزارين ليٽر تيل روڊ تي وهي ويو، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد چورنگي ويجهو ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ سبب روڊ تي ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ سبب تيل وھڻ شروع ٿي ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي. حادثي کانپوءِ علائقي واسي وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا ۽ روڊ تي وهيل تيل کي پلاسٽڪ جي ڊرم ۽ ٻين ڪنٽينرن ۾ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. اطلاع تي مقامي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽينڪر کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته علائقي واسين کي ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيو.

  1. ڪراچي ۾ پوليس جي ڪارروائي، دهشتگردي ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردي ۾ ملوث جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پاڪ ڪالوني پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي انتهائي گهربل  جوابدارن ياسر عرف گولا عرف ڀولا ۽ طلحه کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو جو چوڻ آهي ته جوابدار پوليس مقابلن، دهشتگردي، قتل، قتل جي ڪوشش ۽ سنگين واقعن ۾ به ملوث آهن، جوابدار ياسر عرف ڀولا گينگ وار جو انتهائي گهربل ڏوهاري آهي. ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ هو ته جوابدار پوليس اهلڪار جي قتل ۽ رينجرز اهلڪار کي زخمي ڪرڻ ۾ به ملوث آهي. اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار 6 مهينا اڳ پراڻي گوليمار ۾ پوليس اهلڪار عادل جي قتل ۽ پراڻي گوليمار ۾ ئي رينجرز اهلڪار جي زخمي ٿيڻ ۾ به ملوث آهي.

  1. خرم شير زمان پاران تازو چونڊيل ايم اين اي مرزا اختيار بيگ جي نااهلي جو مطالبو

ڪراچي (م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 241 تان ڪامياب  اميدوار مرزا اختيار بيگ جي نااهلي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ خرم شير زمان چيو ته مرزا اختيار بيگ کي ٻٽي شهريت هجڻ باوجود اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هو ڪينيڊين شهريت ڇڏڻ جا دستاويزي ثبوت فراهم ڪري. خرم شير زمان چيو ته مرزا اختر بيگ جي دعويٰ آهي ته هن 2023ع ۾ ڪينيڊين شهريت ختم ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪينيڊين حڪومت پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ ڪٿي آهي؟ آئين جي آرٽيڪل 63 هڪ تحت مرزا اختيار بيگ کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.