جروار ڀرسان زميني تڪرار تان ڀائيٽي هٿان پيرسن چاچو قتل، 2 سئوٽ زخمي

جروار(رپورٽ:ھمت بوزدار)جروار ڀرسان لنڊ برادري جي ٻن ڌُرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو, ڀائيٽي ھٿان پيرسن چاچو گوليون هڻي قتل ۽ ٻه سئوٽ زخمي ٿي پيا، زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ميرپور ماٿيلو ريفر ڪيو ويو، ڳوٺ مقصود لنڊ ۾  لنڊ برادري جي ٻن ڌُرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران ڀائيٽي ھٿان پيرسن چاچو غلام حُسين لنڊ ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري قتل ۽ ٻه سئوٽ تصور ۽ لال بخش عرف ظھور لنڊ زخمي ٿي پيا زخمين کي جروار جي نجي اسپتال پھچايو ويو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد سول اسپتال ميرپور ماٿيلو ريفر ڪيو ويو، جڏھن ته واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي وڌيڪ رتو ڇاڻ کي روڪڻ لاءِ ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو جروار ٿاڻي تي پھچي تفصيل ورتا ۽ پوليس جي نفري پڻ ڳوٺ مقصود لنڊ موڪلي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا ويا، ھوڏانھن پوليس جو چوڻ ھو ته واقعي بعد جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن پر ڪوشش جاري آھي جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.