ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، ايم ڪيو ايم عهديدار قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني ۾ فائرنگ سبب ايم ڪيو ايم جو مقامي عهديدار قتل ٿي ويو، شاهه فيصل ڪالوني نمبر هڪ ۾ فائرنگ سبب ايم ڪيو ايم جو مقامي عهديدار مارجي ويو، پوليس موجب فائرنگ سبب زخمي شخص علاج دوران دم ڏنو، مقتول جي سڃاڻپ 35 ورهين جي ريحان جي نالي سان ٿي آهي، وارثن جو چوڻ آهي ت ريحان ايم ڪيو ايم پاڪستان سرجاڻي ٽائون جو جوائنٽ يوسي آرگنائزر هو، مقتول جي گهرواري جو چوڻ هو ته واقعي جي خبر پئجي وئي آهي، 2 ڄڻا آيا ۽ فائرنگ ڪري ڏني، منهنجي سامهون مڙس کي قتل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي  ايم ڪيو ايم ڪنوينر خالد مقبول صديقي جوائنٽ يوسي آرگنائزر ريحان جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، هن چيو ته نگران وڏو وزير ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قتل جي جاچ ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.