ڪراچي (رپورٽر) پير پاڳاري جي نالي سان جعلسازن سوشل ميڊيا اڪائونٽس ٺاهي ورتا، جي ڊي اي ترجمان ان سلسلي ۾ پير پاڳاري جي فيس بڪ، ٽوئٽر اڪائونٽ جي ترديد ڪري ڏي آهي، جي ڊي اي ترجمان سردار عبدالرحيم جو چوڻ آهي ته پير پاڳاري جو ڪو به سوشل ميڊيا سائٽ تي اڪائونٽ ناهي، پير پاڳارو اينڊرائڊ موبائل فون ئي استعمال ناهي ڪندو، سردار عبدالرحيم موجب سازشي ۽ جعلساز گروهن کان عوام ۽ جي ڊي اي ڪارڪن هوشيار رهن، پير پاڳاري پنهنجي نالي سان به ڪنهن کي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڍاهڻ جي اجازت ناهي ڏني، سردار عبدالرحيم موجب پير پاڳاري جي نالي سان ٺهيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس جعلي آهن، انهن کي فالو نه ڪيو وڃي.
-
صدر عارف علوي سينيٽ جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو
اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي سينيٽ جو اجلاس طلب ڪري ورتو، صدر عارف علوي سينيٽ جو اجلاس 19 فيبروري تي منجهند 3 وڳي طلب ڪيو آهي، ذريعن موجب اجلاس جي صدارت سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪندو، اجلاس ۾ مارچ ۾ رٽائر ٿيندڙ سينيٽ ميمبر الوداعي تقريرون ڪندا، آئين موجب سينيٽ جي اڌ ميمبرن جي چونڊ مارچ ۾ ٿيندي.
-
پي ٽي آءِ ايم ڊبليو ايم ۾ ضم ٿيڻ جو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) وفاق ۽ پنجاب ۾ مجلس وحدت مسلمين (ايم ڊبليو ايم) سان اتحاد جو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب مجلس وحدت مسلمين بدران پنجاب ۽ وفاق ۾ سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جي وڪيل قيادت مجلس وحدت مسلمين جي اتحاد کان خوش نه هئي جڏهن ته سياسي قيادت مجلس وحدت مسلمين سان اتفاق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
-
پاڪستان بار ڪائونسل کي ڌانڌلي جي الزامن تي ڳڻتي
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.پاڪستان بار ڪائونسل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي جي الزامن سان چونڊن جي شفافيت ۽ ساک متاثر ٿي آهي، سياسي پارٽيون الزامن جي جاچ لاءِ آزاد ڪميشن ٺاهڻ تي متفق آهن.پاڪستان بار ڪائونسل وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽيون پاڪستان جي استحڪام ۽ جمهوري عمل تي عوام جو اعتماد وڌائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. گڏيل پڌرائي ۾ ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.