ڪو به فارمولو طئي ناهي ٿيو، اڄ اڳڀرائي ٿيندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد ( م ڊ) ن ليگ سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ڪميٽين جي واضح ڪيل ضابطي جي پاسداري ڪن،  طئي ٿيو هو ته ڳالهيون ڪندڙ ڪميٽين جا ميمبر يا اڳواڻ غور هيٺ نقطن تي بيان نه ڏيندا. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته هن وقت تائين طئي ناهي ٿيو، مختلف تجويزن تي مشاورت جاري آهي. صلاح مشوري لاءِ 4 ويهڪون پوريون ٿيون آهن، پنجين ويهڪ سومر تي ٿيندي. اسحاق ڊار چيو ته سومر ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ اهم اڳڀرائي ٿيڻ جا امڪان آهن.مشاورت پوري ٿيڻ تي ٻنهي ڌرين طرفان گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويندو.طئي ٿيل طريقي موجب مشاورت مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪا به ڳالهه ڪرڻ مناسب ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.