پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ فارمولو طئي، صدر ۽ اسپيڪر پ پ جو هوندو : ذريعا

اسلام آباد (م ڊ ) ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ حڪومت سازي جي معاملي تي اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ پ پ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ن ليگ ۽ پ پ گڏي ملڪ کي  معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ وفاقي ڪابينا ۾ شموليت لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، پ پ ۽ ن ليگ ۾ حڪومت سازي جا معاملا آخري مرحلي ۾ پهچي ويا آهن. ذريعن موجب صدر ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر جا عهدا پ پ کي ملندا، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين ۽ چئني گورنرن جو فيصلو پوءِ ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ پ پ ۽ ن ليگ گڏجي حڪومت ٺاهينديون، جنهن ۾ وڏو وزير پ پ جو هوندو، پ پ پنجاب ۾ به ڪابينا جو حصو بڻجندي، پ پ کي پنجاب ۾ ٻه يا ٽي وزارتون ملڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.