اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته تحريڪ انصاف سان ڪو اتحاد ناهي ۽ نه ئي ڪا گڏيل جدوجهد نظر اچي پئي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ هڪ جبل آهي جنهن کي پار ڪرڻ آسان ناهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف کي سيٽون ملڻ ۽ چونڊ ڌانڌلي تي خدشا آهن، سياسي ماڻهو ڳالهين ۽ مسئلن جي حل کان انڪار نه ڪن.