ڪراچي (م ڊ) آءِ پي پي اڳواڻ عمران اسماعيل چيو آهي ته هن وقت رٽائرڊ سياستدان جي زندگي گذاري رهيو آهيان، ڪنهن به پارٽي ۾ متحرڪ ناهيان.خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عمران اسماعيل چيو ته پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو فيصلو منهنجي دل جو نه هو، مون کي پارٽي نه ڇڏڻ گهرجي ها، ان کي منهنجي غلطي يا ڪمزوري سمجهو وڃي، ان معاملي تي وڌيڪ نٿو ڳالهائي سگهان.هن چيو ته 9مئي جا جيڪي به ذميوار آهن انهن خلاف جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. استحڪام پارٽي مان استعفيٰ نه پيو ڏيان، باضابطه طور شموليت ناهي ڪئي، پاڪستان جي پيدائيش کان اسٽيبليشمينٽ جو ڪردار جاري آهي، سڀ ئي سياسي پارٽيون چاهينديون آهن ته اسٽيبليشمينٽ سندن ساٿ ڇڏي.