ڪاموراشاهي کي ڀڙڪائيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: مريم نواز

لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير نامزد مريم نواز چيو آهي ته  بيوروڪريسي کي قانون ٽوڙڻ لاءِ ڀڙڪائيندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي  ويندي،بيوروڪريسي کي ڌمڪيون ڏيڻ جو مقصد رياستي نظام ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ آهي، جنهن جو کليل رستو تباهي کي دعوت ڏيڻ آهي،هن چيو ته آفيسرن نه ڊڄن، نه ڌمڪين آڏو جهڪن، قانون موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏين،هن چيو ته آفيسرن جي سڪيورٽي کي خطرو ٿيو ته لوهي هٿن سان ڪارروائي ڪئي ويندي، آفيسرن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.