سپريم ڪورٽ پاران ڪمشنر جي الزامن جو نوٽيس نه وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ)  سپريم ڪورٽ ڪمشنر راولپنڊي لياقت  چٺا جي الزامن جو نوٽيس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺا جي الزامن کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو. ذريعن موجب چيف جسٽس جي چيمبر ۾ ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورتي اجلاس ۾ جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله به شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورتي اجلاس ۾ ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪمشنر جي الزامن جو نوٽيس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ۾ چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي 19 فيبروري تي مقرر ڪئي وئي آهي ۽ اڳ ئي مقرر ٿيل ڪيس ۾ ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ ڪئي ويندي. واضح رهي ته 2024ع جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ کانپوءِ ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.