پاڪستان ۾پهرين حڪومت ٺهي ٿي، پوءِ چونڊون ٿين ٿيون: سراج الحق

لاهور (م ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ پهرين چونڊون ٿينديون آهن پوءِ حڪومت ٺاهي ويندي آهي، پاڪستان  واحد ملڪ آهي جتي پهرين حڪومت ٺهي ٿي، فيصلا ٿين ٿا ۽ پوءِ چونڊون ٿين ٿيون. لاهور جي منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته دنيا ۾ جتي به چونڊون ٿينديون آهن استحڪام ۽ پرامن ماحول هوندو آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي چونڊن کانپوءِ افراتفري وڌي ويندي آهي. سراج الحق چيو ته 70ع ۾ چونڊون ٿيون، نتيجن کي تسليم نه ڪيو ويو، 1977ع ۾ اليڪشن ٿي، ان ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، پوءِ قوم کي 11 سال مارشل لا برداشت ڪرڻو پيو، اها راند اڄ به جاري آهي. هن چيو ته جنهن ماحول ۾ اليڪشن ٿي آهي ان ۾ پولرائزيشن وڌي وئي آهي، جيستائين قوم کي نتيجن تي اعتماد ناهي، جيڪڏهن ڪو نظام لاڳو ڪيو ويو ته ڪم ڪندڙ حڪومت نه رهندي، پاڪستان جو نظام عجيب آهي، هتي چونڊون ٿينديون آهن. بجلي ناهي، ان ڏينهن نيٽ ڪم نٿو ڪري، اليڪشن جو ڏينهن عوام لاءِ خوف جو ڏينهن آهي، ماڻهو هڪ ٻئي سان ڳالهائي به نٿا سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.