علي امين گنڊاپور جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ بعد جاري

اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه جي اميدوار علي امين گنڊاپور جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو. علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ڪي 113 تان منهنجي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 113 ڊي آءِ خان جي عوام جو ٿورائتو آهيان. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پي ڪي 113 تان علي امين گنڊاپور جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان مان به علي امين گنڊاپور جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان علي امين گنڊاپور جي ڪاميابي جا اين اي 44  ۽ پي ڪي 133 تان نوٽيفڪيشن روڪيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.