جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جو مبينا ڌانڌلي خلاف گڏيل جدوجهد جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ کان اليڪشن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي قيام ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سميت ميمبرن کي فوري مستعفي ٿيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ صدر الدين شاهه راشدي سان پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، نند ڪمار گوڪلاڻي، علي پلهه ۽ آغا ارسلان به شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي هي اليڪشن ڪرائي وئي هئي، سپريم ڪورٽ جي ماتحت ڌانڌلي واري اليڪشن جي جاچ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي، هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 3.218  جي ڀڃڪڙي ڪندي بوگس اليڪشن ڪرائي آهي، جي ڊي اي سيڪريٽري اطلاعات سردار عبدالرحيم ٻڌايو ته ملاقات ۾ فراڊ واري اليڪشن خلاف احتجاجي تحريڪ متعلق غور ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ جي ڊي اي جي 20 فيبروري واري ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي، هن جو چوڻ هو ته ملاقات ۾ فراڊ واري اليڪشن خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ عوامي مينڊيٽ جي واپسي تائين جدوجهد جاري رکڻ ۽ جلد گڏيل اپوزيشن جو اجلاس گهرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.