ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ آجياڻي جون ڪيمپون لڳايون ويون

ڄامشورو: 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف جي ڊي اي جي سڏ تي ڄامشوري ۾ حيدرآباد ڄامشورو باءِ پاس وٽ ٻن ڏينھن کان لڳل پر امن ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙن لاءِ ايم نائين موٽر  وي، انڊس ھاءِ وي، نيشنل ھاءِ، سپر ھاءِ وي تي مختلف رخن کان  آجياڻي ڪيمپون لڳايون ويون ھيون.

  • جِي ڊي اي جي ڌرڻي ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي وئي

ڄامشورو: جي ڊي اي پاران چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف هنيل ڌرڻي ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي وئي جڏهن ته ڌرڻي دوران چانھھ، پاڻي، ماني سوڌو، کاڌي پيتي جي شين ۽ فروٽ جا اسٽال پڻ لڳايا ويا ھئا.

  • ڌرڻي جي سيڪورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي

ڄامشورو: 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف جي ڊي اي جي سڏ تي ڄامشوري ۾ حيدرآباد ڄامشورو بائي پاس وٽ ٻن ڏينھن کان لڳل پر امن احتجاجي مظاھري ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ  ايندڙن جي حفاظت ۽ انتظام بھتر رکڻ لاءِ ضلعي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي ھئي ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز پاڻ نگراني ڪري رھيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.