ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڌار ڌار واقعن ۾ ھڪ شخص جو لاش ھٿ ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. بلديا ٽائون نمبر 3 دھلي ڪالوني ڀرسان خالي پلاٽ مان عمران نالي شخص جو لاش ھٿ آيو. ايڌي ايمبولينس ذريعي ويجھي ٿاڻي تي منتقل ڪرڻ بعد ايڌي سرد خاني سھراب ڳوٺ منتقل ڪيو ويو. بلديا ٽائون نمبر 4 براق پمپ ڀرسان فائرنگ ۾ ذيشان ولد عمر زخمي ٿيو. محمود آباد جي علائقي اختر ڪالوني ۾ ڇرين جي وار سبب دائود ولد واحد زخمي ٿي پيو. سرجاڻي ٽائون جي علائقي نادرن باءِ پاس ڀرسان فائرنگ ۾ دوست محمد ولد عبدالرحمن زخمي ٿيو.