زمينن ۽ ڪارونجهر جا سودا ڪندڙن ۽ ميرٽ ختم ڪندڙن کي سنڌ تي مڙهيو ويو: قوم پرست قيادت

ڄامشورو: چونڊن ۾ حصو وٺندڙ قوم پرست قيادت جي ڊي اي جي ڌرڻي دوران خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، هاڻوڪين چونڊن ۾ به سنڌ کان قرباني ورتي وئي، سنڌ  جي زمينن ۽ ڪارونجهر جا سودا ڪندڙ ۽ نوڪريون وڪرو ڪري ميرٽ کي ختم ڪندڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ مٿان مڙهيو ويو. ان سلسلي ۾ خادمين سنڌ جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته مادر وطن سنڌ کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهي، اڄ سنڌ جا لکين ماڻهو پير پاڳاري جي قيادت ۾ 8 فيبروري جي چونڊن کي رد ڪن ٿا، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي تباهي جو ذميوار آصف زرداري آھي، جنهن قبضاگيري، دهشتگردي ۽ ڌانڌلي ذريعي پنهنجي پسند جا نتيجا حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد جي پاليسي تحت نتيجا ڪڍيا ويا آهن، ايم ڪيو ايم هڪ ٻن سيٽن کان وڌيڪ جي پارٽي ۽ پ پ 10 سيٽن  کان وڌيڪ ناهي. هن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري ملڪ اندر گهرو ويڙهه ڪرائڻ واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، هن چيو ته هن اليڪشن ۾ به خبر پئي ته باجوه ڊاڪٽرائن اڃا به جاري آهي، جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته اها ملڪ لاءِ خطرناڪ آهي، اسان موجوده اليڪشن کي رد ڪيون ٿا. هن مطالبو ڪيو ته هي چونڊون ملتوي ڪري غير جانبدار حڪومت قائم ڪري 6 مهينن اندر ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن. جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ايس يو پي جي اڳواڻ سيد منير حيدر شاھه خطاب ڪندي چيو ته اڄ هي لکين ماڻهو اهو واضح پيغام ڏيڻ آيا آهن ته اسان خاموش ٿي ويهي رهون اهو ممڪن ئي ناهي، اڄ هي ڳاڙهي ٻوڙ وارا چون ٿا ته هي لکين ماڻهو اقتدار جي لالچ ۾ نڪتا آهن، لکين ماڻهو ظلم، جبر ۽ بربريت خلاف نڪتا آهن، جيڪي حق ۽ ناحق وچ ۾ ليڪو ڪڍڻ چاهين ٿا، انهن کي رد ڪرڻ يا انهن جي ڳالھه کي اهميت نه ڏيڻ جو نتيجو انتهائي خراب نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اليڪشن جي آڙ ۾ سليڪشن ڪرڻ واري عمل کي ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو. ايس يو پي جي نائب صدر امير آزاد پنھور چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل ڏسي وٺن ته سنڌ جا ماڻهو ڪنهن سان گڏ آهن، جي ڊي اي جي هن احتجاج ٻڌائي ڇڏيو آهي، اليڪشن چوري ڪندڙن سمجهيو پئي ته اسان چوري ۾ ڦٻي وينداسين،  پر اسان اهو ووٽ تي ڌاڙو ڦٻڻ نه ڏينداسين. ھن چيو ته آر اوز ۽ ڊي آروز جي اليڪشن کي تسليم نه ٿا ڪريو. اليڪشن کان اڳ ئي نتيجا طئه ڪيا ويا ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.