ڄامشورو(رپورٽون: جبار ڪابورو، حسيب لطيفي، صدر الدين جوڻيجو، راجا انور چانڊيو) حرن جي روحاني پيشوا, گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي ڪنوينر ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳاري چيو آهي ته اليڪشن 2024ع جي نتيجن ۾ ڌاڙو لڳو آهي، مٿي پچندڙ کچڻي مان لڳي رهيو آهي ته نئين ٺهندڙ حڪومت 8 کان 10 مهينا کان وڌيڪ نه هلي سگهندي، ٿي سگهي ٿو ملڪ ۾ ايمرجنسي ڊڪليئر ٿئي يا مارشل لا لڳي وڃي، پوءِ هي ساڳيا ئي جج انهن کي قانوني تحفظ ڏيندا، فوج اسان جي پنهنجي آهي، ان کان پري ٿيڻ جو سوچي به نٿا سگهون، جيڪڏهن عمران خان چور آهي ته پوءِ اسان سڀ چور آهيون، پي ٽي آئي جي انٽرا پارٽي اليڪشن تي زمين آسمان هڪ ڪندڙ اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ٿيل خريد فروخت تي ڪٿي ننڊ ستل آهي؟ چونڊن ۾ لڳل ڌاڙي خلاف اسان قانون جي دائري ۾ پي ٽي آئي، جي يو آءِ ف، جماعت اسلامي ۽ ٻين سياسي ساٿين جي صلاح مشوري سان جدوجهد کي اڳتي کڻي هلنداسين. اهڙو اظهار هن ڪالهه جي ڊي اي پاران چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف ڏنل سڏ تي حيدرآباد ايم نائن موٽري تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، پير پاڳاري چيو ته آئون اليڪشن دوران ڪٿي به نه نڪتس، گهر ۾ ئي ويٺو هئس، دوستن چيو ته اليڪشن دوران جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون پر مون انهن کي منع ڪري ڇڏيو، ان جو سبب اڍائي ٽي مهينا اڳ اليڪشن وڪرو ٿي چڪي هئي ۽ رقم جي به ادائگي ٿي چڪي هئي. هن چيو ته اليڪشن ۾ وفاقي سطح تي چونڊن ۾ کٽي ايندڙ پارٽي وفاق جي علامت هوندي آهي, پر هن اليڪشن ۾ ڪابه سياسي پارٽي وفاقي سطح جي ناهي رهي, سڀ پارٽيون صوبائي سطح تي اچي ويون آهن. هن چيو ته هن اليڪشن ۾ ڌاڙو هنيو ويو آهي، ان خلاف احتجاج ڪرڻ اسان جو آئيني حق آهي، فوج اسان جي پنهنجي آهي، ان کان پري ٿيڻ جو سوچي به نٿا سگهون، فوج وفاق کي سنڀاليندڙ ۽ سرحدن جي حفاظت ڪندڙ آهي. هن چيو ته سياست ۾ جيترو ڪوڙ ڳالهائي اهو اوترو وڏو سياستدان هوندو آهي ان ڪري آئون ڪوڙ کان پري آهيان، هن اليڪشن ۾ کٽي ايندڙن جا هٿ مٿي تي آهن ۽ هارائيندڙ احتجاج ڪن پيا، موجوده صورتحال ۾ هاڻ فوج کانسواءِ وفاق کي سنڀاليندڙ ڪير به ناهي، جيڪڏهن فوج نه هجي ته اسان جو به فلسطين جهڙو حشر ٿي وڃي، اها فوج ئي آهي جيڪا سرحدون سنڀالي ٿي ۽ دهشگرديءَ سان مقابلو ڪري ٿي، تڏهن ئي اسان سڪون جي زندگي گذاريون پيا. هن چيو ته جهڙي طرح پي ٽي آئي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي، ان طرح ن ليگ، پ پ ۽ فنڪشنل ليگ به انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرايا پر اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي جي انٽرا پارٽي اليڪشن تي زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو, اليڪشن ۾ وڏي خريد ۽ فروخت ٿي آهي، اتي اليڪشن ڪميشن ڪٿي ننڊ ستل آهي؟. هن چيو ته عمران خان کي چور چيو وڃي ٿو، ڇا توشا خانه مان پهريان ملڪ جي صدرن ۽ وزيراعظمن گاڏيون ۽ ٻيا تحفا حاصل نه ڪيا آهن؟ منهنجي نظر ۾ عمران خان چور ناهي، عمران خان کان بيوقوفي يا غلطي ٿي هوندي، غلطي انسان کان ئي ٿيندي آهي، عمران خان کان غلطي نه ٿئي ها ته اهو فرشتو هجي ها، جيڪڏهن عمران خان چور آهي ته پوءِ اسان سڀ چور آهيون. هن چيو ته هن اليڪشن ۾ اڍائي ڪروڙ نوجوانن جي ووٽن جي هڪ ٻوڏ هئي، ان کي روڪڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو سڄي ملڪ اندر اڪثريت ۾ آزاد اميدوار کٽي آيا آهن، پي ٽي آئي جي نوجوان ووٽرن ڪمال ڪري ڇڏيو آهي، نوجوانن جي ووٽن جي ٻوڏ ٻين سڀني کي لوڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته انصاف ۽ عزت نه ملندي ته عوام انصاف لاءِ الڳ رستو ڪڍندو، جتي عدل انصاف نه هوندو ته اتي امن امان جي صورتحال به خراب ضرور ٿيندي، اسان قانون جي دائري ۾ رهندي چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌليءَ خلاف اتحادي سياسي ساٿين سان گڏجي هن جدوجهد کي هلائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته وفاق ۾ جيڪا کچڻي پچي رهي آهي اها حڪومت 8 کان 10 مهينا به نه هلندي, پي ڊي ايم جي گذريل حڪومت سان مهانگائي آسمان تي پهچي وئي ۽ هاڻي به مهانگائي اڃا وڌندي، معاشري کي امير ۽ غريب نه پر مڊل ڪلاس هلائي ٿو، جيڪڏهن اهو ختم ٿي ويو ته پوءِ معاشرو به ختم ٿي ويندو. هن چيو ته اقتدار ۾ سڀئي آزمائجي چڪا آهن، موجوده صورتحال ۾ ٿي سگهي ٿو ملڪ ۾ ايمرجنسي يا مارشل لا لڳي وڃي ۽ پوءِ هي ئي جج ان کي قانوني تحفظ ڏيندا. هن چيو ته اسان چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيون ها ته پوءِ ڌانڌلي ڪندڙ وائکا نه ٿين ها، هاڻي اهي قومي ۽ عالمي سطح تي بدنام ٿين پيا, خدارا هاڻي فيصلا ڪندڙ هن ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سوچين. پير پاڳاري دعا ڪندي چيو ته خدا هن ملڪ، فوج ۽ توهان سڀني کي محفوط رکي، اسان جي فوج ۽ ججن کي رهنمائي فرمائي، عوام جي فائدي جي لاءِ سوچين. پير پاڳاري پنهنجي تقرير جي آخر ۾ ڳالهائيندي چيو ته مونکي تقرير ڪرڻ ناهي ايندي توهان سڀ پري پري کان آيا آهيو ۽ پوءِ هن روايت موجب هٿ کڻي دعا پڻ گهري.